نئين دهلي (م ڊ) ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان خلاف حملي جو اشارو ڏنو آهي، ڀارتي دفاعي وزير راج ناٿ سنگهه مبينا فوجي ڪاررواين جون ڌمڪيون ڏيندي چيو آهي ته تازو ٿيل ”آپريشن سندور“ جو پارٽ ون يا پارٽ ٽو به ٿي سگهي ٿو، ياد رهي ته 7 مئي تي ڀارت پنهنجي جديد رافيل جهازن ۽ ٻي فوجي طاقت استعمال ڪندي پاڪستان تي حملو ڪيو هو، پر پاڪ فضائيه اڳواٽ تيار هئي، ان ڪارروائي ۾ پاڪستان ڀارت جا 6 جهاز، هڪ اسرائيلي ڊرون ۽ هڪ S-400 فضائي دفاعي نظام تباهه ڪيو، ڀارت جنگ بند ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي اپيل ڪئي، جڏهن ته ڀارتي ايئر چيف ثبوت کانسواءِ دعويٰ ڪئي ته پنج پاڪستاني جهاز به ڪيرايا، دفاعي تجزيه نگارن موجب ڀارت پنهنجي ناڪامين ۽ اندروني بحرانن کي لڪائڻ لاءِ پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي. پلواما کان وٺي پهلگام تائين هر وڏي واقعي کانپوءِ ڀارت بنا ثبوت الزام هنيا پر عالمي سطح تي هن رسوائي کي منهن ڏنو.