اسرائيل ۽ ڀارت جا ظلم روڪيا وڃن: بلاول

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي ڏينهنِ امن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته امن رڳو تڪرارن جي غير موجودگي جو نالو ناهي، پر اهو انصاف، برابري ۽ قومن جي وچ ۾ باهمي عزت جو نالو آهي. هن گڏيل قومن جي هن سال جي موضوع جي مڪمل حمايت ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته اسرائيل ۽ ڀارت جي بي روڪ ٽوڪ جارحيت ۽ ظلمن کي فوري طور روڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل جون فوجي ڪارروائيون نه رڳو علائقي لاءِ، پر سڄي دنيا جي امن لاءِ سنجيده خطرو آهن. هن چيو ته اسرائيلي فوجن جا غزہ ۾ ظلم ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بربريت انسانيت جي ضمير تي هڪ دائمي زخم آهن، جن کي دنيا ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن مطابق امن، جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.