اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ دفاعي معاهدي کي پاڪستان ۾ وڏي اڳڀرائي ۽ مستقبل جي "ڊالرن ۽ ريالن جي برسات” طور پيش ڪيو پيو وڃي، پر جيڪڏهن ان کي عالمي سياست جي پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته ڪيترائي اهم سوال اڀرن ٿا،تجزئي موجب هي دفاعي ڊيل ڪا نئين ڳالهه نه آهي، پر تاريخي طور پاڪستان ۽ سعودي عرب اڳ ئي دفاعي لاڳاپن ۾ رهيا آهن،اها ڊيل نئين بوتل ۾ پراڻي شراب وانگر آهي،هاڻي جڏهن اسرائيل پاران قطر تي حملو ٿيو، ان کان ٿوري ئي عرصي ۾ هي معاهدو سامهون آيو، جيڪو پاڻ ۾ ڪيترن ئي شڪن ۽ سوالن کي جنم ڏئي ٿو،ايترن ڏينهن ۾ ته ايگريمينٽ به لکيو ناهي ويندو،1950ع واري ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي سرپرستي ۾ سيٽو ۽ سينٽو دفاعي اتحاد وجود ۾ آيا جن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ ايران شامل هئا۔ ان وقت انهن اتحادين کي هندستان خلاف به استعمال ڪيو ويو، پر 1971ع ۾ جڏهن پاڪستان ٽڪرا ٽڪرا ٿيو ته آمريڪا جو سيونٿ فليٽ (جنگي ٻيڙو)به ڪنهن ڪم نه آيو۔ سوال اهو آهي ته جڏهن آمريڪا ان وقت پاڪستان کي بچائي نه سگهيو ته هاڻي سعودي دفاعي معاهدو ڪيئن پاڪستان لاءِ ضمانت بڻجي سگهي ٿو؟جيڪڏهن فرض ڪيو ته هندستان پاڪستان تي جارحيت ڪري ٿو، ڇا سعودي عرب پاڪستان جي مدد لاءِ عملي طور اڳتي ايندو؟ اهو تقريبن ناممڪن آهي، ڇو ته سعودي عرب اسرائيل خلاف به اڪيلي نه ٿو بيهي سگهي۔ ان صورت ۾ هي معاهدو رڳو هڪ سيڪيورٽي اسائنمنٽ لڳي ٿو، جنهن جو اصل مقصد سعودي عرب ۾ پاڪستاني فوجي وسيلن کي استعمال ڪرڻ آهي، نه ڪي پاڪستان جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ،سعودي بدران پنهنجي دفاعي سطح تي برابر ملڪ ايران سان اها ڊيل ڇو نه ڪئي وئي؟هڪ اهڙي ملڪ سان ڊيل ڇو ڪئي وئي جيڪو فوجي سطح تي توهان جي مدد نٿو ڪري سگهي؟اهو دفاعي معاهدو ترڪيه سان ڇو نه ڪيو ويو جيڪو به فوجي لحاظ کان بهتر آهي، ترڪي وٽ جديد دفاعي صلاحيتون آهن، پر ان باوجود پاڪستان جي پاليسي سازن عرب ملڪن سان ئي معاهدو ڪيو، جيڪي فوجي طور ڪمزور سمجهيا وڃن ٿا،سعودي عرب سان معاهدو رڳو سيڪيورٽي اسائنمينٽ آهي،ان کان به اهڙا معاهدا پاڪستان ڪيا آهن، جيڪي قومي مفاد ۾ نه هئا، اهو معاهدو قومي مفاد ۾ نه پر ڪنهن مخصوص گروپ جي مفادن لاءِ ڪيو ويو آهي، 1974ع ۾ سعودي سعودي عرب ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل پيٽرو ڊالر معاهدو 2024ع ۾ ختم ٿيو۔ هن معاهدي سبب ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجا تيل جا ذخيرو استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ملي،جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان به شامل هئا، آمريڪا ۽ عرب هاڻي به نه ٿا چاهين ته پيٽرو ڊالر جو نظام ختم ٿئي، ڇو ته ان سان ڊالر جي عالمي بالادستي خطري ۾ پئجي ويندي۔تجزئي مطابق هي معاهدو ٽن وڏن پاسن تي اثرانداز ٿيندو جيڪڏهن ايران ڪنهن عرب ملڪ تي حملي ۾ ملوث ٿيو ته معاهدي تحت پاڪستان کي به ايران خلاف پوزيشن وٺڻي پوندي،جڏهن ته معاهدي کي ظاهر ۾ گهڻو "انٽي-اسرائيل” طور پيش ڪيو ويو آهي، پر عملي صورتحال پيچيده آهي۔ هن معاهدي جو هڪ اهم مقصد هندستان کي علائقائي طور اڪيلو ڪرڻ آهي، پر ان سان سڌي طرح پاڪستان کي گهڻو فائدو ملندو يا نه، اهو سوال کليل آهي۔تجزئي موجب، هن سڄي شطرنج جي آخري چال چين کي گهيرڻ آهي۔ في الحال هندستان کي انسرڪل ڪيو پيو وڃي، پر حتمي مقصد چين جي طاقت کي محدود ڪرڻ آهي، ڇو ته عالمي آرڊر ۾ سڀ کان وڏي تبديلي چين جي اڀار سبب آئي آهي،هي دفاعي معاهدو اصل ۾ سيٽو ۽ سينٽو جهڙن پراڻن فارمولن جو هڪ نئون روپ آهي۔ پروڊڪٽ ساڳي آهي، رڳو پيشڪش جو انداز نئون آهي،پاڪستان عالمي طاقت لاءِ ئي کيڏي رهيو آهي،ملڪ ۾ ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن،انهن جي گهرن ۽ وڻن تي بجلي بل ٽنگيا ويا آهن،بجلي بلن جي معافي مطالبي تي حڪومت پاران چيو پيو وڃي ته اسان آءِ ايم ايف کان پڇي پوءِ ٻڌائينداسين،جيڪو ملڪ بجلي بلن لاءِ عالمي ادارن کان اجازت وٺي اهو سعودي عرب سان دفاعي معاهدو ڪري رهيو آهي؟ پاڪستاني عوام کي ان مان ڪو وڏو فائدو نه ملندو،ارب ڊالر ايندا اهو رڳو لالي پاپ آهي،