صدر زرداري چين جو دورو ڪري وطن واپس پهچي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري چين جو ڏهه ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪري وطن واپس اچي ويو. صدر آصف زرداري پنهنجي دوري دوران مختلف صوبن جي چيني اختيارين سان ملاقاتون ڪيون، جتي پاڪ-چين لاڳاپن، سي پيڪ، علائقائي امن، ترقي ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان دوران ڪيترن ئي اهم ايم او يوز تي صحيحون به ٿيون. 16 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زراعت، ماحوليات، ۽ ماس ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ترقي لاءِ ٽي مفاهمتي يادداشتون تي صحيحون ڪيون ويون. پهريون ايم او يو ڪنٽرولڊ ايگريڪلچر سائنس اينڊ ايجوڪيشن پارڪ بابت هو، جيڪو زرعي پيداوار ۽ خوراڪ جي تحفظ وڌائڻ تي ڌيان ڏيندو.  ٻيو ايم او يو شينونگ ڪاليج سان هو، جنهن تحت جديد ٽيڪنالاجي ۽ تربيت لاءِ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. ٽيون ايم او يو ٽائر ري سائيڪلنگ پروجيڪٽ بابت هو، جيڪو ماحول دوست فضلي جي انتظام کي فروغ ڏيندو. چين جي شهر اُرومچي ۾ صدر آصف علي زرداري جي موجودگي ۾ ٽن اهم ايم او يوز تي صحيحون ٿيون.اهي خوراڪ جي تحفظ، صنعتي ترقي، برآمدات ۾ واڌ ۽ آفتن سان نڀائڻ جي صلاحيت بهتر بڻائينديون، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ جي بهتري سان ديهي علائقن ۾ روزگار جا موقعا وڌندا. صدر زرداري، شنگھائي اليڪٽرڪ کي پاڪستان جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن نظام ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي خاطري ڪرائي ته جيڪڏھن ڪو مسئلو التوا جو شڪار آهي ته ان کي دوستانه ۽ باهمي تعاون جي جذبي سان حل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.