ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي حل کانسواءِ امن اڻپورو آهي: آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جا مسئلا حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا جو امن اڻپورو آهي. امن جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته امن جو ڏهاڙو رڳو جنگ نه ٿيڻ جو ناهي، انصاف ۽ برابري کي هٿي ڏيڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان عالمي ۽ علائقائي امن ۾ ڀرپور ڪردار اداڪري رهيو آهي. پاڪستان دنياجي قوتن سان لاڳاپين ۾ توازن رکي ٿو ۽ عالمي برادري پاڪستان کي مسئلن جي حل لاءِ ڀائيوار مڃي ٿي. پاڪستان هميشه عالمي امن ۽ انصاف لاءِ آوز اٿاريو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو عالمي امن لاءِ جرئت منداڻو ڪردار ادا ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته گڏيل قومن جي امن مشنن ۾ پاڪستان جون ڊگهيون خدمتون آهن، پاڪستان آفتن ۽ تڪرارن جي متاثرن جي هميشه مدد ڪئي، نوجوان نسل کي برداشت، رواداري ۽ مڪالمي جي قدرن کي اختيار ڪرڻو پوندو، دنيا هٿيارن بدران ڳالهين ۽ سهڪارکي ترجيح ڏئي، پاڪستان پرامن، انصاف تي ٻڌل دنيا لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.