ملتان (م ڊ) ٻوڏ جي ڪري موٽر وي ايم-5 تي 13 هنڌ متاثر ٿيا آهن، موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب امڪان آهي ته وڌيڪ 4 کان 5 هنڌ متاثر ٿي سگهن ٿا، موٽر وي پوليس ٻڌايو ته ايم-5 ٻوڏ سبب في الحال بند آهي، ملتان کان سکر تائين متبادل رستن ذريعي سفر ڪري سگهجي ٿو، شاهه شمس انٽرچينج کان قومي شاهراهه ڏانهن ٽريفڪ موڪلي پئي وڃي.پوليس ترجمان موجب اوچ شريف انٽرچينج کان ٻيهر ايم-5 ۾ شامل ٿي سگهجي ٿو، جڏهن ته سکر کان ملتان ويندڙ ٽريفڪ به اوچ شريف انٽرچينج ذريعي قومي شاهراهه تان هلي سگهي ٿي، شير شاهه انٽرچينج کان ٻيهر ايم-5 ۾ شامل ٿيڻ ممڪن آهي، موٽر وي پوليس ترجمان موجب مسافرن جي رهنمائي لاءِ عملي کي موقعي تي مقرر ڪيو ويو آهي.