بگرام ايئربيس تي آمريڪا جون نظرون،پاڪستان لاءِ گهڻ رخي خطرا؟

لاهور(عوامي آواز نيوز)لاهور يونيورسٽي ۾ سماجي علومن جي ڊين رابعه  اختر پنهنجي هڪ جامع تجزيي ۾ خبردار ڪيو آهي ته بگرام ايئربيس جي چوڌاري جيڪا صورتحال تيزي سان اڀري رهي آهي، اها ڪنهن مشق يا معمولي پيش رفت جو حصو نه آهي پر هڪ نهايت سنگين منظرنامو آهي۔ هن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بگرام ايئربيس جي واپسي جو کلي عام مطالبو ڪيو آهي ۽ ان جي اهميت کي چين جي ايٽمي تنصيبات جي ويجهو هجڻ جي تناظر ۾ ڳنڍيو آهي۔ هي قدم پاڪستان لاءِ سڌي خطري کي وڌائي ٿو ڇو ته ان جي نتيجي ۾ اوور فلائيٽ ۽ ٻين سهولتن لاءِ دٻاءُ وڌي سگهي ٿو، جيڪو اسان کي ٻيهر بڊبير طرز جي انهي دور ۾ ڌڪي ڇڏيندو جنهن جي قيمت پاڪستان 1960 ۾ انتهائي ڳري صورت ۾ ادا ڪئي هئي۔ رابعه اختر موجب هي منظرنامو هڪ پراڻي فلم وانگر آهي جنهن جو انجام پاڪستان اڳ ئي ڏسي چڪو آهي۔هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا بگرام ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ يا ان تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو اصل ۾ ٻيهر هڪ عملي قبضو تصور ٿيندو جنهن لاءِ وڏي پيماني تي فوجي موجودگي ۽ پيچيده انتظامات گهربل هوندا۔ ٻيو خطرو چين سان ڳنڍيل آهي، ڇو ته بيجنگ پاڪستان جي فضائي رستن بابت ڪنهن به فيصلي کي سڌي طرح پنهنجي سان پاڪستان جي صف بندي جو اشارو سمجهندو۔ جيڪڏهن انهن فيصلن ۾ اهڙيون اڏامون شامل ٿيون جيڪي سنڪيانگ، تبت يا پاڪ–چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي اهم هنڌن جهڙوڪ گلگت بلتستان، واخان راهداري، گوادر يا ڪاشغر ڏانهن انٽيليجنس گڏ ڪرڻ جي صلاحيت رکنديون هجن ته ان سان سياسي، اقتصادي ۽ سلامتيءَ جو شديد ردعمل پيدا ٿيندو ۽ پاڪستان جي اقتصادي زندگي جي شه رڳ نشاني تي اچي سگهي ٿي۔ ٽيون خطرو علائقائي ردعمل جو آهي، ڇو ته ايران، چين ۽ افغان عملدار به پاڪستان جي فضائي فيصلن کي صف بندي جي اشارن طور وٺندا، جنهن سان پاڪستان جي سفارتي گنجائش سڪڙجي ويندي ۽ خرچ وڌي ويندا،چوٿون خطرو هڪ ماضي جي مثال جي صورت ۾ موجود آهي، جيڪا بڊبير جي ڪهاڻي آهي۔ عارضي اجازت ناما آهستي آهستي نيم مستقل اڏن ۾ بدلجي ويندا آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.