بگرام ايئربيس نه مليو ته سنگين نتيجا نڪرندا: ٽرمپ جي ڌمڪي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن افغانستان بگرام ايئربيس واپس نه ڏنو ته سنگين نتيجا نڪرندا، آمريڪي اخبار موجب آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروائين بابت ڳالهيون جاري آهن. بگرام ايئربيس تي محدود آمريڪي فوج رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن جي اڳواڻي آمريڪي نمائندي خصوصي ايڊم بوهلر ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ به ٽرمپ چيو هو ته بگرام ايئربيس آمريڪا کي ڇڏڻ نه کپندو هو ۽ هاڻي ان کي واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٽرمپ موجب، اهو اڏي اُن علائقي کان فقط هڪ ڪلاڪ جي مفاصلي تي آهي، جتي چين پنهنجا ايٽمي هٿيار تيار ڪري ٿو، بگرام ايئربيس نه مليو ته سنگين نتيجا نڪرندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.