ريڊلائن رٿا 46 مهينا گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي:منعم ظفر

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر مطالبو ڪيو آهي ته ريڊ لائين منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي واضح تاريخ سامهون آندي وڃي۔ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ريڊ لائين منصوبو شروع ٿيل کي 46 مهينا گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين مڪمل نه ٿيو آهي، هن چيو ته اهو منصوبو حڪومت جي نااهلي جو شڪار ٿي چڪو آهي، جڏهن ته لاهور ۾ بي آر ٽي صرف يارنهن مهينن ۾ مڪمل ٿي وئي هئي، پر ڪراچي ۾ شروع ٿيندڙ ڪو به منصوبو وقت تي مڪمل نه ٿو ٿئي۔منعم ظفر موجب، ڪراچي جي اصل مسئلن جي ذميوار پاڪستان پيپلزپارٽي آهي، قابض ميئر پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ وفاقي ادارن کي ذميوار قرار ڏئي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته شهر ۾ حالتون خراب کان خراب ٿينديون پيون وڃن،يونيورسٽي روڊ هاڻي درياهه جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪريم آباد انڊر پاس ٻن سالن کان اڌورو پيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.