دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جا شاعر اديب فنڪار ۽ راڳي نه رڳو امن جا سفير هوندا آهن پر هو انهن ملڪن جي ثقافت جا امين به هوندا آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي فن وسيلي ملڪن جو مان مٿانهون ڪندا رهن ٿا، ٻين شعبن جي ماڻهن جيان راڳي به ساز ۽ آواز وسيلي دنيا ۾ نه رڳو امن جو پيغام ڏيندا رهندا آهن پر هو محبتون ورهائيندڙ به هوندا آهن، اهي ئي راڳي حساس دلين جا ترجمان به هوندا آهن، راڳي نه ڪنهن سان جهيڙو ڪندا آهن ۽ نه ئي ڪو فتنو يا فساد ڦھلائڻ چاهيندا آهن، بس هنن جو پيشو پيار محبت ورهائڻ هوندو آهي جن کي دنيا ۾ عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي انهن جي ڏک سک ۾ به حڪومتون انهن جون ڀرجهليون ٿي بيهنديون آهن، اهو صرف ان ڪري ته هو انهن ملڪن جي ماڻهن جي دلين ۾ رهندا آهن.
سنڌ جا راڳي به هزارين سالن جي تاريخ امن تاريخ تمدن جي رکوال طور پوري دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهن، سنڌ جا راڳي دنيا جي ٻين راڳين جيان محبتن جا سر وکيريندا رهندا آيا آهن جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، پر موٽ ۾ هتان جا اهي ئي راڳي اديب شاعر ننڌڻڪائپ جو شڪار رهندا آيا آهن جن مان ڪيترائي بي يارومددگار ٿي بيمارين بکن ۽ بدحالين سبب هن دنيا ۾ جيئري ئي تڙپندي تڙپندي مري ويا جن کي مرڻ کان پوءِ وڏن اعزازن سان نوازيو به وينديو رهيو ته ڪيترائي بيمارين جي بسترن تي زندگي پوري ٿيڻ جي آس کڻي جيئندا ٿا رهن جيڪو افسوسناڪ عمل آهي، سنڌ جي راڳين جي بهتر مستقبل لاءِ ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت اهم قدم کڻندي سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچرز ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تي ڪجهه جاهلاڻي سوچ جي ماڻهن تنقيد به ڪئي پر تنهن هوندي به گذريل سنڌ حڪومت جي دؤر ۾ ان ڪم کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ قدم کنيا ويا. سنڌ جي راڳين کي ڀرتي کان اڳ مختلف مرحلن جي ٽيسٽن ۽ سکيا جي مرحلن مان گذاريو ويو سنڌ جي انهن راڳين موجب هنن وڏي فيس عيوض راڳ جي اڪيڊمي مان پاس آئوٽ به ڪئي اهي، سرٽفڪيٽ به حاصل ڪيا آهن، جنهن کان پوءِ هڪ مڃيل اداري معرفت 2023 ڌاري انهن راڳين جي ميوزڪ ٽيچر طور هڪ ٽيسٽ پڻ ورتي وئي جنهن ۾ پاس ٿيندڙن مان ڪافي اميدوارن کي سيٽن مطابق آفر ليٽر پڻ جاري ڪيا ويا جنهن سان مستقبل ۾ انهن جي گهر جو چلهو ٻرڻ جي هڪ اميد پئدا ٿي پئي، پر بعد ۾ انهن کي ڪن سببن جي ڪري جوائننگ آرڊر نه ملي سگهيا جنهن کان پوءِ اهي راڳي سنڌ حڪومت جي ان روين سبب مايوس ٿي لطيف جي در دانهن ڏيندي حڪمرانن کي ميارن سان گڏ جوائننگ آرڊر ڏيڻ لاءِ مطالبا ۽ ننڍا ننڍا احتجاج ڪندا رهيا پر انهن جو ڪوبه کڙتيل نڪرندي نه ڏسي ڪجهه مهينا اڳ اهي مسڪين راڳي پنهنجو حق گهرڻ خاطر ڪراچي پريس ڪلب کي پنهنجي اميد جو ڪرڻو سمجهي اتي احتجاج ڪرڻ آيا احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي.
ساڻن حڪومتي ڌر جي ماڻهن طرفان ڳالهيون ڪري جلد مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري تي احتجاج ختم ڪرايو ويو پر راڳين موجب طئي ٿيل وقت اندر اسان جو نه ڪو مسئلو حل ٿي سگهيو ۽ نه ئي اسان کي وري ڪا بهتر موٽ ڏني وئي، جنهن جي ڪري اسان مايوس ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب کي پنهنجي مسئلي جي حل جو سهارو سمجهي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي آهي، ڪراچي پريس ڪلب تي سنڌ جي ميوزڪ ٽيچرز جن کي آفر آرڊر جاري ٿيل آهن تن هڪ هفتي کان اتي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪري رهيا آهن، سنڌ جي انهن احتجاج ڪندڙ راڳين موجب ته ٽي ڏينهن اڳ هنن احتجاج ڪندي سنڌ جي انهن پنهنجن اقتدار ڌڻين جي اڳيان داد رسي ڪرڻ ۽ پنهنجا ڏک ٻڌائڻ لاءِ يڪتارا چپڙيون ۽ باجا ساڻ کڻي راڳ ڳائيندي جڏهن اڳتي وڌياسين ته رستي ۾ اسان کي پوليس روڪي ورتو جنهن ۾ ڇڪتاڻ سبب احتجاج ڪندڙ راڳين جي اڳواڻ صوفي راڳي ڪامران فقير کي پوليس پاران ڌڪا ڏنا ويا هن سميت ٻين راڳين جي تذليل ڪئي وئي، جنهن ۾ راڳي ڪامران فقير هيٺ ڪري پيو ۽ سندس نه رڳو يڪتارو ٽٽي پيو پر هٿ ۾ کنيل شاھ سائين جي رسالي جي به بي حرمتي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ هو ڏکارو ٿي حڪمرانن کي پنهنجي پوليس جي ڪيل سلوڪ جي دانهن ڏيندي چيو ته اسان وٽ ڪي هٿيار يا هٿ ۾ بارود ڪونه هو يڪتارا چپڙيون شاھ جو رسالو ۽ محبت جي ٻولي هئي جنهن جي پوليس ايتري تذليل ڪئي ۽ اسان کي اڳتي وڃڻ ۽ اوهان سان ملڻ ڪونه ڏنو.
هن واقعي کان پوءِ سڄي سنڌ مان راڳين سان ٿيل ناروا سلوڪ جي مذمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سنڌ جا شاعر راڳي اديب ساڃاھ وند ۽ ڀٽائي سان محبت ڪندڙ ماڻهو ڏکارا ٿيا آهن، پوليس جي ناروا سلوڪ خلاف سنڌ جي راڳين ۽ ٻين ساڃاھ وندن پاران سومر ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب تي ڀرپور احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، پوليس جي ان عمل تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي ڇو ته پوليس اڳ ۾ به سنڌ جي استادن ۽ نياڻين سميت ڪافي ماڻهن تي ائين سري عام لٺيون وسايون ۽ گرفتاريون ڪيون آهن پر سنڌ جي ماڻهن جي ٽيڪسن مان پگهارون کڻندڙ پوليس وارن کان اڄ تائين ان بابت سنڌ جي ماڻهنجي ووٽن تي اقتدار جي مسند تي ويٺل حڪمران الائي ڇو ڪو پڇاڻو نه ڪري سگهيا آهن، حڪمرانن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ته لازمي اهو سوچي سمجهي ئي ڪيو هوندو، جڏهن ته هن وقت به سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ئي حڪومت آهي ساڳيو ئي وزيراعليٰ آهي، جنهن کان سنڌ جا هي راڳي پنهنجي ان حق گهرڻ لاءِ روڊن رستن تي احتجاج ڪري رهيا آهن، سنڌ جي مسڪين راڳين جي احتجاج کي همدرداڻي انداز ۾ ڏسي انهن جي بهتر مستقبل لاءِ کين جوائننگ آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ ترت ڪو فيصلو ڪيو وڃي يا جيڪڏهن ڪي قانوني پيچيدگيون به آهن ته انهن کي به دور ڪري ڪو اهڙو رستو ئي ڪڍيو وڃي جنهن سان هنن جي ڪريل لڙڪن کي خوشي ۾ بدلائي سگهجي .
سنڌ جي راڳين کي ڀرتي کان اڳ مختلف مرحلن جي ٽيسٽن ۽ سکيا جي مرحلن مان گذاريو ويو سنڌ جي انهن راڳين موجب هنن وڏي فيس عيوض راڳ جي اڪيڊمي مان پاس آئوٽ به ڪئي اهي، سرٽفڪيٽ به حاصل ڪيا آهن، جنهن کان پوءِ هڪ مڃيل اداري معرفت 2023 ڌاري انهن راڳين جي ميوزڪ ٽيچر طور هڪ ٽيسٽ پڻ ورتي وئي جنهن ۾ پاس ٿيندڙن مان ڪافي اميدوارن کي سيٽن مطابق آفر ليٽر پڻ جاري ڪيا ويا جنهن سان مستقبل ۾ انهن جي گهر جو چلهو ٻرڻ جي هڪ اميد پئدا ٿي پئي، پر بعد ۾ انهن کي ڪن سببن جي ڪري جوائننگ آرڊر نه ملي سگهيا