پاڪستان جو اُڀرندڙ ڪردار ۽ نئين عالمي صف بندي

ارشد خان

پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙا لمحا بار بار نٿا اچن، جڏهن عالمي سياست جي نقشي تي ان جو ڪردار مڪمل طور بدلجي وڃي. اڄ جيڪو ڪجهه اسان جي اڳيان آهي، اتي پاڪستان نه رڳو خطي جي سلامتي لاءِ اهم حيثيت اختيار ڪري رهيو آهي، پر عالمي طاقتور ملڪن جي وچ ۾ نئين توازن جو مرڪز بڻجي رهيو آهي.تازو دفاعي معاهدو، جيڪو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ طئي ٿيو آهي، رڳو هڪ رسمي دستاويز نه آهي، پر هڪ نئين عالمي اتحاد جي بنياد آهي. سالن کان عرب دنيا پنهنجي سلامتي لاءِ مغرب، خاص ڪري آمريڪا، ڏانهن ڏسندي رهي آهي. پر وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي تازين جارحيتن ۽ قطر تي حملي اها حقيقت ظاهر ڪري ڇڏي آهي ته هاڻي مغربي ڇٽي هيٺ عرب ملڪن کي پنهنجو پاڻ محفوظ محسوس نٿو ٿئي. اهو ئي موقعو هو، جڏهن سعودي عرب پاڪستان ڏانهن رخ ڪيو ۽ پاڪستان پنهنجي اها حيثيت ثابت ڪئي ته اهو رڳو هڪ علائقائي طاقت نه پر هڪ فيصلو ڪندڙ عالمي رانديگر به ٿي سگهي ٿو.اهو معاهدو رڳو اسرائيل لاءِ خطري جي گهنٽي نه آهي، پر آمريڪا لاءِ به هڪ صاف پيغام آهي ته مسلم دنيا هاڻي پنهنجو نئون رخ اختيار ڪري رهي آهي. نيٽو جهڙو اتحاد، جنهن تي مغرب فخر ڪندو آهي، ان جي مقابلي ۾ هڪ اهڙو ڍانچو اڀري رهيو آهي، جنهن جي بنياد پاڪستان ۽ سعودي عرب وجهي رهيا آهن. اها حقيقت مغرب لاءِ پاڻ ۾ ڳڻتي جوڳي آهي، ڇو ته پاڪستان کان سواءِ نه خطي جو امن ممڪن آهي ۽ نه ئي طاقت جو توازن.

پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري هميشه ان جي معيشت رهي آهي. پر هاڻي سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن سان هن شراڪت کان پوءِ اميد آهي ته اها ڪمزوري تيزي سان ختم ٿي ويندي. سعودي عرب دفاعي تحفظ لاءِ پاڪستان جي فوجي طاقت مان فائدو وٺندو ۽ ان جي بدلي ۾ پاڪستان جي معيشت کي سهارو ڏيندو. اهڙيءَ ريت ”تون منهنجي ڍال، مان تنهنجو سهارو“ واري اصول تي هڪ مضبوط ۽ ڊگهي عرصي وارو تعلق قائم ٿيندو.هن معاهدي جو ٻيو پاسو اهو آهي ته پاڪستان هاڻي آمريڪي گرفت مان نڪري نئين صف بندي ڏانهن وڌي رهيو آهي. ايندڙ سالن ۾ پاڪستان کي چين ۽ روس سان وڌيڪ ويجهو ڏسڻ ڪا عجيب ڳالهه نه هوندي. جيڪڏهن پاڪستان مغربي قرضن ۽ دٻاءَ جي بار مان نڪري سعودي عرب جي مدد سان پنهنجا مالي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ته پوءِ خطي جي سياست ۾ هڪ بلڪل نئون باب کلي ويندو.هندستان ۽ اسرائيل لاءِ اها صورتحال برداشت کان ٻاهر آهي. پاڪستان اڳ ئي هڪ ايٽمي قوت آهي ۽ هاڻي سعودي سرزمين تي ان جي موجودگي اسرائيل لاءِ سڌو سنئون خطرو بڻجي سگهي ٿي. فاصلا گهٽجي چڪا آهن ۽ جيڪڏهن اسرائيل پاڪستان خلاف ڪا  مهم جوئي ڪندو  ته ان کي ڀرپور ۽ فوري جواب ملڻ جو امڪان آهي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان سدائين هڪ محتاط پر ذهين رياست رهيو آهي. هن پنهنجا ايٽمي هٿيار سالن تائين لڪائي رکيا ۽ دنيا کي ان وقت حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن هو مڪمل تياري سان سامهون آيو. اڄ به اهو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان وٽ اهي صلاحيتون موجود آهن، جن جو دنيا کي اڃا به پورو ادراڪ ناهي. اصل ڪاميابي اها آهي ته پاڪستان هاڻي خوف جي سياست مان نڪري آيو آهي. اهو ملڪ، جيڪو ڪڏهن معاشي زوال ۽ عالمي دٻاءَ جي ڪري محدود فيصلا ڪندو هو، اڄ نئين اعتماد سان اُڀري رهيو آهي. اهو ئي پاڪستان جو اصل سرمايو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.