آمريڪا، عرب اعتماد جو بحران ۽ تاريخي ڳانڍاپي جا نتيجا

منظور کوسو

گذريل اسي سالن کان سعودي عرب ۽ آمريڪا جي وچ ۾ دفاعي معاملن سان گڏوگڏ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ لاڳاپن ۽ رابطن جي هڪ طويل تاريخ آهي۔ اهي تعلقات 1940 جي ڏهاڪي ۾ ان وقت قائم ٿيا جڏهن شاهه عبدالعزيز آل سعود نجد ۽ حجاز جي قبيلن کي متحد ڪري 1932 ۾ مملڪت سعودي عرب جو بنياد رکيو۔ ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ يعني 14 فيبروري 1945 تي آمريڪي صدر روزويلٽ خطي ۾ سعودي عرب جي اهميت کي محسوس ڪندي نئين عالمي نظام ۾ اهم ڪردار نڀائڻ لاءِ سعودي عرب جي فرمانروا سان ملاقات ڪري کيس هڪ اهم شراڪت دار بڻايو۔ حالتن پٽاندڙ اهي تعلق ٻنهي ملڪن جي ضرورت هئا۔ ان کانپوءِ دفاعي تعاون جي هڪ نئين تاريخ شروع ٿي 1953 ۽ 1957 ۾ ٻنهي ملڪن سعودي عرب جي مسلح فوج کي وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِ معاهدا ڪيا ۽ فوج کي جديد سازوسامان ۽ تربيت وغيره ڏيڻ جا اهي عزم ارادا ۽ معاهدا اڃان تائين جاري آهن، پر اربين ڊالرن جا جديد هٿيار ۽ ايئر ڪرافٽ آمريڪا کان خريد ڪرڻ ۽ دفاع جي معاملي ۾ آمريڪا جي طرف کان هرقسم جون دلجايون، تسليون ۽ ضمانتون ملڻ کانپوءِ به قطر تي ٿيل اسرائيلي حملي کانپوءِ سعودي عرب محسوس ڪيو ته هي سڀ تسليون فقط ڪاغذن تي ٿيل معاهدن کان وڌيڪ اهميت نه ٿيون رکن ۽ مني صدي کان آمريڪا سرڪار فقط تحفظ جي تسلين تي عربن کي ڦريندو ۽ پنهنجا هٿيار وڪرو ڪندو رهيو آهي۔

وقت ثابت ڪيو آهي ته آمريڪا دوستي ۽ تحفظ جي آڙ ۾ فقط عربن جي دولت تي اک رکيو ويٺو آهي۔ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ذريعي تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون ته عربن کي آمريڪا جي حصار مان ڪڍجي ۽ هڪ گڏيل اسلامي بئنڪ ۽ بلاڪ جو قيام عمل ۾ آڻجي پر جيڪي به اسلامي ملڪن جا سربراهه ان ڪوششن جو حصو هئا سي هڪٻئي پٺيان عالمي سازشن جو شڪار ٿي ويا ۽ ان کانپوءِ او آءِ سي به فقط گڏجاڻين ۽ قراردادن تائين محدود ٿي وئي اسلامي ملڪن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ان جو ڪو خاص ڪردار نه رهيو۔ اسي سالن جي تعلق ۽ تعاون کانپوءِ اڄ سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن کي سوچڻ گهرجي ته هنن آمريڪا جي سنگت مان ۽ "ويزن 2030” مان ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو؟ صدرٽرمپ جي هاڻوڪي دوري تائين وقتن بوقتن ڇھه آمريڪي صدر سعودي عرب جو دورو ڪري چڪا آهن پر هن ڀيري ته عرب سڳورن ٽرمپ جي آڌرڀاءُ ۾ ڪمال مهمانوازي ۽ سخاوت جو مظاهرو ڪيو۔ عالمي خابرو اداري بي بي سي خبر نشر ڪئي ته”سعودي عرب ۾ ٽرمپ جو جامني قالين،عربي گهوڙن ۽ 142ارب ڊالر جي دفاعي معاهدن سان استقبال”۽ سعودي عرب جي فرمانروا چيو ته هي معاهدا هڪ ٽريلين ڊالر تائين وڌي سگهن ٿا۔جڏهن آمريڪي صدر متحده عرب امارات جي دوري تي پهتو ته اتي 1.4ٽريلين ڊالر سرمايا ڪاري جا معاهدا ڪيا ويا۔

سعودي عرب کانپوءِ صدر ٽرمپ قطر پهتو،قطر به ڪنهن کان پوئتي ڪين رهيو ۽ ان آمريڪي صدر کي هڪ اهڙو جهاز تحفي ۾ ڏنو جنهن جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به ڪين ٿو ملي هن جهاز کي فضائن ۾ اڏرندڙ هڪ عاليشان محل سان تشبيھه ڪئي جيڪا خاص آمريڪي صدر لاءِ تيار  ڪرائي وئي هئي. هڪ طرف اسرائيل آمريڪا جي مدد سان غزه کي تباهي جو هڪ عبرتناڪ مثال بڻائي ڇڏيو آهي جتي هزارين ماڻهو بي سبب شهيد ڪيا ويا آهن، هزارين گم آهن شايد عمارتن جي ملبن ۾ دٻجي ويا هجن،هزارين معصوم ٻارڙا شهيد ۽ معذور بڻايا ويا، بک اڃ تي تڙپي تڙپي مرندڙ غزه جا ٻار ۽ ٻئي طرف اسرائيل جي ظالماڻي ناڪابندي،آمريڪا توڙي يورپ جا هزارين لکين ساڃاهه وند ان ظلم خلاف سراپا احتجاج آهن ۽ اهو سڀ ڪجھه ڏسندي به عربن جون آمريڪا تي عنايتون سڄي دنيا ۾ ڪنهن چڱي نگاهه سان ڪونه ٿيون ڏٺيون وڃن۔ سعودي عرب کانپوءِ ٽرمپ قطر پهتو،قطر1868۾ برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي،سلطنت عثمانيه جي زوال کانپوءِ وري برطانيا جي تسلط هيٺ آيو ۽ 1971 ۾ برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1972 کان آمريڪا سان لاڳاپا قائم ڪيائين۔ قطر قدرتي گئس جي زخيرن ۾ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي۔ جڏهن صدر ٽرمپ قطر پهتو ته شاندار استقبال سان گڏوگڏ دوحه جي شاهي محل ۾ امير شيخ تميم بن حمد ثاني صدر ٽرمپ کي 200ارب ڊالرن جي دفاعي ۽ واپاري معاهدي جو تحفو خدمت ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ العديد ايئربيس جي متعلق دفاعي سرمايا ڪاري ۽ جديد ڪوانٽم ٽيڪنالاجي جا گڏيل منصوبا پڻ شامل هئا۔ وچ اوڀر ۾ العديد سڀ کان وڏو آمريڪي فوجي اڏو آهي جتي ڏهه هزار يا ان کان به وڌيڪ آمريڪي فوج مقرر ٿيل آهي،هن اڏي تي23 جون 2025 تي ايران فضائي حملو ڪيو هو جنهن کي آمريڪا جي ڊفينس سسٽم ناڪام بڻايو هو۔ عرب دنيا خاص ڪري قطر جي امير جون تڏهن اکيون پٽجي ويون جڏهن 9سيپٽمبر تي اسرائيل دوحه ۾ هڪ عمارت تي حملو ڪيو، هن عمارت ۾ حماس جا اهم اڳواڻ آمريڪا طرفان جنگبندي جي ڏنل آڇ تي هڪ اهم مشاورتي گڏجاڻي ڪري رهيا هئا،هن فضائي حملي ۾ ڇهھ حماس اڳواڻ شهيد ٿي ويا ۽ هن حملي کي امريڪي ڊفينس سسٽم نه ناڪام بڻائي سگهيو ۽ نه ئي اڳواٽ اطلاع ڏئي سگهيو، جيئن هن کان اڳ ايراني حملي کي ناڪام بڻايو ويو هو۔ قطر جو آمريڪا کان خريد ڪيل جديد دفاعي نظام به اسرائيلي حملي کي ناڪام بڻائي نه سگهيو ۽ نه ئي ريڊار اڳواٽ اطلاع ڏئي سگهيا۔

آمريڪا جي عرب توڙي عجم سان دوستي فقط پنهنجن مفادن لاءِ رهي آهي،ايتري قدر جو هن قطر کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ به مناسب نه سمجهيو قطري ذريعن موجب آمريڪا اسرائيلي حملي جي ڏهن منٽن کانپوءِ اطلاع ڏنو۔آمريڪا طرفان قطر کي تحفظ جي ڏنل ضمانتن ۽ ان کي پنهنجو هڪ غير نيٽو اتحادي قرار ڏيڻ باوجود قطر تي ٿيل اسرائيلي حملي جي تناظر ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي کي دفاعي تجزيه نگار هڪ خاص نظر سان ڏسن ٿا۔ وزيراعظم ميان شهباز شريف جي آفيس مان جاري ٿيل هڪ بيان موجب ”هن معاهدي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي هٿي ڏيڻ، ڪنهن به جارحيت جي خلاف گڏيل دفاع ۽ تحفظ کي مضبوط بنائڻ ۽ هڪ ملڪ تي حملو ٻنهي ملڪن خلاف حملو تصور ڪيو ويندو“

قطر حملي کانپوءِ آمريڪا کان خريد ڪيل دفاعي سازوسامان سعودي عرب لاءِ به اعتماد جوڳو ڪين رهيو آهي جنهن ڪري فقط آمريڪا تي انحصار ڪرڻ بدران سعودي عرب پاڪستان سان دفاعي معاهدو ڪيو آهي۔ هي دفاعي معاهدو ڪو اوچتو ڪين ٿيو آهي پر ٻنهي ملڪن جي رفاقت ۾ سالن کان ان تي ڪم ٿي رهيو هو جيڪو قطر تي حملي کانپوءِ هاڻي طئي ٿي منظرعام تي آيو آهي۔ هي معاهدو نه فقط سعودي عرب پر اڳتي هلي ٻين خليجي ملڪن تي به اثر ڇڏيندو۔پاڪستان نه فقط جهجهي انگ ۾ فوج رکندڙ ملڪ آهي پر اسلامي دنيا جي واحد ايٽمي قوت پڻ آهي۔قطر حملي کانپوءِ مسلم ملڪن ۾ هن جي اهميت اڃان وڌي وئي آهي۔ جيتوڻيڪ هن وقت پاڪستان معاشي مسئلن،عالمي قرضن ۽ سيلابن جو شڪار آهي پر فوجي اعتبار کان عربن آڏو هن جي اهم حيثيت آهي۔ جيستائين هن معاهدي جون سڀ ڳالهيون پڌريون ٿين تيستائين اهو چوڻ مشڪل آهي ته هن معاهدي سان پاڪستان کي ڪهڙو ۽ ڪيترو فائدو ملندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.