اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي وزير دفاع خواجا آصف چيو آهي ته معاهدي کان پوءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني فوجين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان معاهدي جا نتيجا پاڪستان کي معاشي طور به مستحڪم ڪندا،نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو معاهدو تاريخي آهي، اهو معاهدو حق جي فتح جو نتيجو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته گذريل 75 سالن ۾ اسان ڪيترائي دفاعي معاهدا ڪيا، پر جڏهن مشڪل وقت آيو ته معاهدو ڪندڙ ملڪن مدد نه ڪئي۔وزير دفاع مطابق معاهدي کان پوءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني فوجين جي نفري وڌندي، ٻين ملڪن سان به دفاعي معاهدا ممڪن آهن، پر جيڪي ملڪ اسان جا خيرخواهه ناهن، اهي هن معاهدي کان خوش ناهن۔هن اهو به ٻڌايو ته سعودي ولي عهد مون کي ياد ڏياريو هو ته 1971ع ۾ سعودي عرب ڪراچي ڏانهن ٻه گن بوٽس موڪليا هئا۔