پاڪ-سعودي معاهدي وچ اوڀر کي ايٽمي تحفظ ڏئي ڇڏيو: ماهر

اسلام آباد/نيويارڪ (م ڊ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل نئين اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي وچ اوڀر ۾ سلامتي ۽ ايٽمي تحفظ بابت بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. رائٽرز موجب معاهدي سان سعودي مالي وسيلن کي پاڪستان جي ايٽمي طاقت رکندڙ فوج سان ڳنڍيو ويو آهي، جڏهن ته رياض لاءِ اهو اڻ اعلانيل ايٽمي ڍال سمجهيو پيو وڃي. پاڪستاني بچاءَ واري وزير خواجا آصف وضاحت ڪئي ته معاهدي ۾ ايٽمي هٿيار شامل ناهن، ۽ نه ئي ان جو مقصد جارحيت آهي، پر جيڪڏهن ٻنهي ملڪن کي خطرو ٿيو ته اهو فعال ٿي ويندو. ماهرن موجب اسرائيل جي خطري سبب معاهدي جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. سعودي عرب اهو به چيو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪيا ته هو به حاصل ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.