ڪراچي/ ملير/ ابراهيم حيدري (نمائندا) ڪراچي جي نجِي سوسائٽي ۾ 10 کان 15 هٿياربندن جي ڪاهه، پيرسن تشدد سبب حياتي وڃائي ويٺو، بن قاسم واري علائقي ۾ هٿياربندن جي ٽولي گهر تي ڪاهه ڪري /تشدد ڪيو، جنهن سبب 70 ورهين جو شهري محمد جاويد مارجي ويو، گلشن فلڪ ناز مين نيشل هاءِ وي، گلشن حديد فيز 2 ايڪسٽينشن ۾ مڪان نمبر B-58 ۾ واقعو پيش آيو، جتي پندرنهن هٿياربند گهر ۾ گهڙيا، هٿياربندن گهر وارن کي يرغمال بڻائي اکيون ٻڌيون ۽ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ گهر ۾ رهي قيمتي سامان، زيور، نقدي، موبائيل فونز ۽ دستاويز ڦري ورتا، سي سي ٽي وي جو ڊي وي آر ۽ بيٽريون به کڻي ويا، هٿياربندن جي تشدد ۾ پيرسن مارجي ويو، مقتول جي پٽ عبدالرئوف ٻڌايو ته ڌاڙي دوران والد جي نڪ تي لوهي راڊ هڻي زخمي ڪيو ويو، جنهن سبب علاج دوران فوت ٿي ويو، هن الزام هنيو ته سوسائٽي جي مئنيجمينٽ سان سندن تڪرار هلندڙ هو، ڌاڙي دوران زال ۽ ماءُ کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پوليس موجب، سوسائٽي جي ڇهن ملازمن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن ۾ سيڪيورٽي گارڊ ۽ ايڊمن جا اهلڪار شامل آهن، مقتول محمد جاويد جاويد علي خان اڳ پاڪستان اسٽيل ۾ ڊپٽي مينيجر رهي چڪو، سندس جنازي نماز جامع مسجد ۾ ادا ڪئي وئي ۽ مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.