لکي غلام شاهه/ شڪارپور (رپورٽ: نديم جان مهر/ زاهد سنجراڻي) رستم ويجهو هٿياربندن جو تعليم تي حملو، 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، هٿياربندن ٻورڙي جي اسڪول تي ڪاهه ڪري مهر برادري جي ڪلارڪ جي پڇا ڪئي، نه ٻڌائڻ تي استاد مٿان تشدد فائرنگ ڪئي وئي ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا، هڪ هٿياربند به مارجي ويو، فائرنگ ۾ هڪ شاگرد گولي لڳڻ سبب ۽ استاد هٿياربندن جي تشدد ٿي سبب زخمي ٿي پيا علائقي ۾ ڇڪتاڻ، ڳوٺ ٻورڙي هاءِ اسڪول مٿان جتوئي برادري جي هٿياربندن ڪاهه ڪري مهر برادري جي ڪلارڪ نياز احمد مھر جي جاچ ڪئي وئي، انڪار ڪرڻ تي اسڪول جي استاد نثار احمد آرائين مٿان تشدد ڪري ڦرلٽ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران فائرنگ ڪئي وئي، مهر برادري سان واسطو رکندڙ ڳوٺاڻا پهچي ويا، ڌرين وچ ۾ فائرنگ سبب هاءِ اسڪول ٻورڙي جي نائين ڪلاس جو شاگرد فيضان سيٺار، عبدالرزاق مهر، جميل احمد مھر زخمي ٿي پيا، استاد نثار آرائين پڻ تشدد ٿيڻ سبب زخمي ٿي پيو، هڪ هٿياربند صحبت گهراڻي جتوئي پڻ زخمي ٿي پيو، ڌرين وچ ۾ فائرنگ تيز ٿي وڃڻ ڪري زخمين مان عبدالرزاق مهر، جميل احمد مھر ۽ جتوئي برادري سان واسطو رکندڙ صحبت گهراڻي جتوئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، زخمي شاگرد فيضان سيٺار ۽ استاد نثار آرائين کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو ٽن ڄڻن جي قتل ٿيڻ جي اطلاع تي علائقي ۾ مهر _جتوئي ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي هر طرف فائرنگ شروع ٿي وئي، ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ جاري رهي مقتول عبدالرزاق مهر ۽ جميل احمد مھر جا لاش لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، مهر جتوئي ڌرين وچ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، مقتول عبدالرزاق مهر جو لاش ڳوٺ ٻورڙي آندو ويو جڏهن ته جميل احمد مھر جو لاش ٿانهريو ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، صحبت گهراڻي جتوئي جو لاش ڳوٺ فريد جتوئي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، واقعي بعد چڪ رستم ٻورڙي ٽنڊو علي شير غلام ڳوٺ لکي غلام شاهه جهلي ڪلواڙي رڪ عبدو جهان سميت ضلعي جا سوين اسڪول بند ٿي ويا، چڪ رستم محمود آباغ ۾ هلندڙ مهر جتوئي ڇڪتاڻ تان قتل ٿيلن جو انگ وڌي 18 ٿي ويو، مهر جتوئي ڇڪتاڻ ڪچي واري علائقي ڳوٺ غازي خان مهر ڪرسي جتوئي ڌر سان مال جي ڦر تان شروع ٿيو هو جنهن جو سردار علي گوهر خان مھر جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو هو 9 خونن جو ڌرين فيصلو قبول ڪيو ان بعد جتوئي ڌر جي هڪ نوجوان غلام شبير ڪرسي جتوئي کي قتل ڪيو ويو ان بعد مهر برادري جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو.