پئرس (م ڊ) فرانس ۾ بجيٽ ڪٽوتين خلاف ملڪ گير احتجاج دوران لکين ماڻهن شديد احتجاج ڪيو، پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس مظاهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪيا جنهن سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، حڪومت مخالف مظاهرن ۾ هنگامي ڪاررواين دوران پوليس 300 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪيو، انتظاميا جو چوڻ آهي ته تقريبن 10 لک ماڻهن احتجاج ۾ حصو ورتو، جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب صدر ايمانوئل ميڪران خلاف 5 لک مظاهرين رستن تي نڪتا.