ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت زال تي تيزاب اڇلائي ساڙڻ واري ڪيس ۾ ملوث مڙس ساجد کي 24 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت کيس 10 لکرپين کان وڌيڪ ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پراسيڪيوٽر عائشه سعيد ٻڌايو ته عورت جي شادي 12 سال اڳ ٿي هئي، ٽي ٻار به آهن، مڙس سان جهيڙي بعد مائٽن وٽ رهندي هئي، سيپٽمبر 2021ع ۾ مڙس ساهرن جي گهر پهچي زال تي تيزاب اڇلايو، عدالت چيو ته پراسيڪيوشن الزام ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، جڏهن ته ڪيس ڊفينس پوليس ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو.