سوات جي مٽا چوڪ تي قومي امن جرڳي جو ڌرڻو

سوات (م ڊ) خيبر پختونخوا جي ضلعي سوات ۾ مٽا چوڪ تي سوات قومي جرڳي جي سڏ تي هڪ امن مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ تقرير ڪندڙن چيو ته هو هر حال ۾ امن چاهين ٿا ۽ اهڙي هر ڪوشش جي مخالفت ڪندا جنهن سان علائقي جون حالتون خراب ٿين، امن مظاهري ۾ صوبي جي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عوامي نيشنل پارٽي (اين پي) سميت ٻين سڀني سياسي پارٽين جا مقامي اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائندا شريڪ ٿيا، مظاهري ۾ سياسي ۽ سماجي شخصيتن کان علاوه وڪيل، صحافي، واپاري ۽ وڏي انگ ۾ عام شهري به شامل ٿيا، اڳواڻن چيو ته امن جي بحالي رياست جي ذميواري آهي ۽ هتي عام شهري ڪنهن به صورت ۾ وڌيڪ بدامني برداشت نه ڪندا، شرڪت ڪندڙن ٻڌايو ته خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن جهڙوڪ باجوڙ، مهمند، وزيرستان ۽ بنون ۾ بدامني موجود آهي، ساڳي طرح سوات جي ڪجهه علائقن ۾ به اهڙي خدشن جو اظهار ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري مقامي سطح تي سياسي پارٽين ۽ ٻين طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن تي مشتمل قومي جرڳي هي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، اڳواڻن  چيو ته ماضي ۾ هن علائقي ۾ تشدد جا واقعا ٿيا هئا، جڏهن چوڪن ۾ ماڻهن جا ڪٽيل سر پيل هوندا هئا ۽ هاڻي ايئن نه ٿئي جو وري ساڳيون حالتون پيدا ٿي وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.