ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽر دونيٿ ويلالاگي پيءُ جي آخري رسمن ۾ شرڪت بعد سڀاڻي دبئي ۾ قومي ٽيم کي جوائن ڪندو.
سريلنڪا ڪرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ويلالاگي اڄ رات ٽيم مئنيجر مهندا هالنگوڊي سان گڏ يو اي اي روانو ٿيندو ۽ سڀاڻي بنگلاديش خلاف شيڊيول سپر فور ميچ لاءِ دستياب هوندو.
ياد رهي ته سندس والد جي لاڏاڻي جي خبر کيس افغانستان خلاف اهم ميچ کان پوءِ ڏني وئي، جنهن ۾ سريلنڪا ڪامياب ٿي سپر فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو.
ان ميچ ۾ ويلالاگي 4 اوور ۾ 49 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي هئي، جڏهن ته محمد نبي کيس هڪ ئي اوور ۾ پنج ڇڪا هنيا هئا.
ٽيم مئنيجمينٽ ۽ رانديگرن ڏک جي ان گهڙي ۾ ويلالاگي سان دلي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو.
You might also like