پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروائين ۾ افغان شهرين ۽ ڀارتي فوجي آفيسرن جي ملوث هجڻ جا پختا ثبوت آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته اسان وٽ جوڳا ثبوت موجود آهن ته غير قانوني افغان شهري ۽ ڀارتي فوج جا آفيسرز پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث آهن.
جرمن رسالي کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغان پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ جون بنيادي سبب پرڏيهي مداخلت ۽ گهرو ويڙهه هئي، هاڻي اهڙا ڪارڻ موجود ناهن، پاڪستان 40 سالن تائين لکين افغان مهاجرن جي ميزباني ڪئي، افغان شهرين جي باعزت واپسي لاءِ منظم قدم کنيا ويا آهن.
هن چيو ته پاڪستان انساني بنيادن تي افغان پناهگيرن جي ملڪ نيڪاليءَ واري ڊيڊ لائين ۾ ڪيئي ڀيرا واڌ ڪئي، اسان وٽ جوڳا ثبوت آهن ته غير قانوني افغان شهري دهشتگردي ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن.

ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت ڪيترائي ڀيرا دنيا آڏو پيش ڪري چڪا آهيون: پاڪ فوج جو ترجمان
هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ پرتشدد واقعا ڀارتي حڪومت جي وڌندڙ انتهاپسند پاليسين جو نتيجو آهن، ڀارت پنهنجن اندورني مسئلن کي ٻاهرين ۽ ٻاهرين مسئلن کي اندروني مسئلو بڻائي پيش ڪري ٿو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت رياستي سرپرستي ۾ پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث آهي، ڀارتي فوجي آفيسرن جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هجڻ جا جوڳا ثبوت موجود آهن، پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت ڪيترائي ڀيرا دنيا آڏو پيش به ڪري چڪو آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارتي فوج سميت رياستي ادارا شدت پسند سياسي نظرين جي اثر هيٺ آهن، جڏهن ته پاڪستان جي رياست هڙني غير رياستي عنصرن کي بنا فرق رد ڪري ٿي، پاڪستان ۾ ڪنهن به تنظيم يا هٿياربند جٿن لاءِ ڪا جاءِ ناهي، رياست کان سواءِ ڪو به گروپ يا شخص جهاد جو اعلان ڪرڻ جو اختيار نٿو رکي.

فتنه الهندوستان جا ڪيئي مارجي ويل دهشتگرد نام نهاد ” مسنگ پرسنز“ جي فهرست ۾ به شامل هئا: ڊي جي آءِ ايس پي آر
هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾لازوال قربانيون ڏنيون.
سندس چوڻ هو ته افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ اتي ڇڏيل آمريڪي هٿيار دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، آمريڪا به هٿيارن جي دهشتگرد ڪارروائين ۾ استعمال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ” معرڪاءِ حق“ دوران آمريڪي صدر ٽرمپ جو قائداڻو ڪردار اسٽرٽيجڪ ليڊر طور سامهون آيو، آمريڪا ڪالعدم مجيد بريگيڊ کي عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو، بلوچستان ۾ فنته الهندوستان جا ڪيترائي مارجي دهشتگرد ”نام نهاد مسنگ پرسنز“ جي فهرست ۾ به شامل هئا.
چين سان لاڳاپن جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جا برادر ملڪ چين سان به تعميري ۽ اسٽرٽيجڪ لاڳاپا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.