تيرانا(ويب ڊيسڪ) دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ مصنوعي ڏاهپ ( اَي آءِ ) جي مدد سان تيار ڪيل وزير پارليامينٽ ۾ خطاب ڪيو.
گذريل ڏينهن البانيا جي پارليامينٽ مان دنيا جي پهرئين آءِ اي ذريعي تيار ڪيل وزير خطاب ڪيو، جيڪو البانيا لاءِ هڪ انوکو اعزاز هو.
البانوي لباس پهريل عورت ” ڊيلا“ يعني ” سج“ نالي اي آءِ وزير پنهنجي پهرئين خطاب ۾ چيو ته ”مان انسانن جي جاءِ والارڻ لاءِ نه پر سندن مدد ڪرڻ لاءِ آهيان.“
هن چيو ته ”آئين کي اصل خطرو مشينن مان نه پر اقتدار ۾ رهندڙن جي غير انساني فيصلن کان آهي.“
ياد رهي ته البانوي وزيراعظم ايڊي راما گذريل هفتي دنيا جي پهرين منصوعي حڪومتي وزير جي مقرري ڪئي هئي.
دنيا جي پهرين اَي آءِ وزير جو پارليامينٽ کي خطاب،” آئين کي مشينن مان نه سياستدانن مان خطرو آهي“
You might also like