اڄڪلهه شاهين ڏاڍي سُٺي بيٽنگ پيو ڪري: ڪُلديپ يادو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪستان ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي جارحاڻي بيٽنگ کي ڀارتي ليفٽ آرم اسپنر ڪُلديپ يادو به ساراهڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو.
فاسٽ بالر شاهين آفريدي ايشيا ڪپ ۾ پنهنجي بالنگ سان گڏ جارحاڻي بيٽنگ سان به پاڪستان جي سوڀ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ڀارت خلاف ميچ هڪ موقعي تي جڏهن پاڪستان جا 83 رنسن تي 7 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا، تڏهن شاهين ڪريز تي اچي جارحاڻي انداز ۾ 16 بالن تي 4 ڇڪن جي مدد سان 33 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
ان کانپوءِ ٻي ميچ ۾ يو اي اي خلاف به شاهين 14 بالن تي 29 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ ٽي چوڪا ۽ ٻه چڪا شامل هئا.
تازو ئي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ عمان خلاف ڀارت جي آخري گروپ ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران ڪُلديپ يادو به شاهين جي بيٽنگ جي واکان ڪندي نظر آيو.
پريس ڪانفرنس دوران جڏهن ڀارتي اسپنر کان مخالف بيٽر کي سمجهڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ۾ چيو ته ” جڏهن توهان بالنگ ڪندا آهيو ته بيٽرز کي سمجهڻ ڪوشش ڪندا آهيو، ڪجهه بيٽر واقعي سٺو کيڏي رهيا آهن، شاهين آفريدي اڄڪلهه سُٺي بيٽنگ پيو ڪري، گذريل ٻن ميچن ۾ هن جارحاڻا شاٽس کيڏيا آهن.“
ڀارتي اسپنر وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ ۾ غلطيُن مان به سکبو آهي ۽ هر ميچ بهتري جو موقعو ڏئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.