جِي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ عمران خان کي وڊيو لنڪ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پر هن وڊيو لنڪ ذريعي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻيءَ کان اڳ عمران خان کي 3 ڀيرا وڊيو لنڪ تي پيش ٿيڻ لاءِ پيغام موڪليا ويا، ساڍي 10 وڳي پهرين ڀيرو رابطو ڪيو ويو ته ٻڌايو ويو ته هو 11 وڳي وڊيو لنڪ تي پيش ٿيندو، 11 وڳي ٻيهر رابطو ڪرڻ تي چيو ويو ته عمران خان پيش ٿي رهيو آهي ، 11 لڳي 25 تي رابطو ڪرڻ تي هو وڊيو لنڪ تي پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران صفائي واري وڪيل فيصل ملڪ عمران خان سان اڪيلي ۾ ڳالهائڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت سندس وڪيل ڳالهه ٻولهه ڪرائي، ان دوران عمران خان ڪيس ۽ قانوني نڪتن بدران سياسي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي.
ان موقعي تي صفائي واري وڪيل عمران خان کي ٻڌايو ته وڊيو لنڪ نوٽيفڪيشن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري رهيا آهيون، توهان جي ان نوٽيفڪيشن بابت ڇا هدايت آهي؟ جنهن تي عمران خان وڪيلن کي عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ چيو.
عمران خان جي هدايت کانپوءِ وڪيل عدالت مان ٻاهر هليا ويا، جڏهن ته عدالت ٻڌڻي جاري رکندي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪيا.
عدالت ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي ٻن شاهدن سب انسپيڪٽر سليم قريشي ۽ سب انسپيڪٽر منظور شهزاد بيان قلمبند ڪيا، جڏهن ته ٻنهي شاهدن وڊيو ڪلپس تي ٻڌل 5 يو ايس بيون عدالت ۾ پيش ڪيون.
عدالت عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني پنجاب حڪومت جي نوٽيفڪيشن موجب وڊيو لنڪ تي ئي پيش ٿيندو.
ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي، پيمرا، پي آءِ ڊي، انٽرنل سيڪيورٽي ۽ گهرو کاتي جي ڏهن شاهدن کي طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.