پاڪ-سعودي دفاعي معاهدو ڪنهن ٽئين ملڪ جي خلاف ناهي: پاڪستان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نين اوچائين تائين وٺي وڃڻ جو عزم رکي ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل تاريخي دفاعي معاهدو ڪنهن ٽئين ملڪ جي خلاف نه آهي.
هفتيوار ميڊيا بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سعودي فرمانروا جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف 17 سيپٽمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪيو، جتي وزيراعظم جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري سطح تي ڳالهيون ٿيون جن ۾ وفدن پڻ شرڪت ڪئي.
هن چيو ته پاڪ-سعودي لاڳاپا ڀائچاري ۽ سهڪار جي هڪ انوکو مثال آهن، پاڪستاني عوام کي حرمين شريفين جي سرزمين سان خاص عقيدت آهي، 1960ع واري ڏهاڪي کان دفاعي سهڪار پاڪستان سعودي لاڳاپن جو بنيادي ٿنڀ رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت لاڳاپن کي نين اوچائين تي وٺي وڃڻ جو عزم رکي ٿي.
ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب تاريخي ۽ اسٽرٽيجڪ لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم ۽ ولي عهد اسٽرٽيجڪ دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون.
شفقت علي خان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ ۽ گڏيل سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي عڪاسي ڪري ٿو، معاهدي موجب ڪنهن هڪ ملڪ تي اڳرائي کي ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ڪئي ويندي.
هن چيو ته اسٽرٽيجڪ دفاعي معاهدو ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط ڀائيواري کي باظابطا شڪل ڏئي ٿو، هي معاهدو نج دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي خلاف نه آهي، معاهدو خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
اسلامي سربراهي اجلاس بابت ڳالهائيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته قطر جي گادي واري شهر دوحا هنگامي اسلامي سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اسرائيلي جارحيت تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن ۾ بيگناهه شهرين جي شهادت ٿي.
سندس چوڻ هو ته اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ گڏيل پڌرنامو تيار ڪيو ويو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ٿيو پڌرائيءَ ۾ اسرائيلي حملن کي غير قانوني ۽ چڙ ڏياريندڙ قرار ڏنو ويو.
هن چيو ته پاڪستاني پرڏيهي وزير اجلاس ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي ۽ ٽياڪڙي تي قطر جي ڪردار کي ساراهيو، پاڪستان معاملو انساني حقن واري ڪائونسل جنيوا ۾ به کڻي ويو ۽ ترت بحث جو مطالبو ڪيو.
ترجمان وڌيڪ چيوته گڏيل پڌرائيءَ ۾ اسرائيل کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي تي جوابدار قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، پڌرائي ۾ فلسطيني عوام تي ڪيل ظلم جي مذمت ڪئي وئي ۽ گڏيل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.