هڪڙي وزيراعطم کي اُبتين سُبتين حرڪتن جي ڪري جهاز مان لاٿو ويو، شهباز شريف کي سعودي جهازن سلامي ڏني: مريم نواز

 

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته هڪ وزيراعظم هوندو هو، جنهن کي اُبتين سُبتين حرڪتن تي جهاز مان لاهي چيو ويو ته ”ڀائو لهو ۽ اڄ جڏهن شهباز شريف جو جهاز سعودي ايئر اسپيس ۾ آيو ته ان کي سعودي جنگي جهازن سلامي ڏني.“
سرگوڌا ۾ اليڪٽرڪ بسن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄ سرگوڌا لاءِ 33 بسن جو تحفو کڻي آئي آهيان، شهر لاءِ 60 بسون رکيون ويون آهن، سرگوڌا ڊويزن کي 105 بسن جو تحفو ڏينداسين.
هن چيو ته تعجب جوڳي ڳالهه آهي ته سموري سرگوڌا ڊويزن ۾ دل جي بيمارين جي ڪائي اسپتال ناهي، مون ساڳئي ڏينهن فيصلو ڪيو ۽ سرگوڌا ۾ نواز شريف انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي تي ڪم شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، اڄ نواز شريف انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، دل جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن کي هاڻي فيصـل آباد ۽ ڊويزن کان پري وڃڻ جي ضرورت ناهي.
مريم نواز جو چوڻ هو ته پنجاب جي ٽن دريائن ۾ تاريخي وڏي ٻوڏ آئي، ٻوڏ سبب 27 شهر ۽ 5 هزار کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا، جيڪڏهن اسان جي تياري نه هجي ها ته وڏو نقصان جو خدشو هو، اسان 25 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچايو، متاثرن کي خيمن ۾ آباد ڪيو ۽ کاڌ خوراڪ ڏني، 22 لک کان وڌيڪ چوپايو مال به محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو.
پنجاب جي وزيراعليٰ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ وزيراعظم هوندو هو، جنهن کي اُبتي سُبتي حرڪتن تان جهاز مان لاهي چيو ويو ته “ ڀائو لهي وڃ، اڄ جڏهن شهباز شريف جو جهاز سعودي هوائي حدن ۾ داخل ٿيو ته ان کي سعودي جنگي جهازن سلامي ڏني، اِها سلامي ڪنهن سياسي اڳواڻ کي نه پر پاڪستان کي ڏني وئي آهي.“
هن چيو ته اڊيالا ۾ موجود شخص کي خبر ئي ناهي ته پاڪستان اڳتي وڌي ويو آهي، اهو قصو هاڻي پراڻو ٿي ويو آهي، شهباز شريف جي تذليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اڄ سعودي عرب ۾ جيڪا عزت ملي دنيا ڏسي حيران ٿي وئي.
مريم نواز موجب،” سعودي عرب چيو ته پاڪستان تي حملو سعودي عرب تي حملو تصور ڪيو ويندو، ڇا ڪڏهن اهڙي وڏي سفارتي ڪاميابي ڏٺي آهي؟ سعودي عرب سان ٿيل معاهدو رڳو هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو ناهي، هي دفاعي معاهدو تمام وڏو ڪارنامو آهي، حرمين شريفين جي پاسباني جو شرف پاڪستان کي مليو آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.