ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 1100 رپيا سستو ٿيڻ بعد 3 لک 87 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 943 رپيا لاٿ سان 3 لک 32 هزار 218 رپين۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ 11 ڊالر گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد في اونس سون 3 هزار 657 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like