لاهور هاءِ ڪورٽ بار پاران جسٽس جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ جي مذمت

لاهور(بيورو)لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن اسلام آباد ۾ جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ جي فيصلي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته هي فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي۔ لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر آصف نسوانه ۽ ٻين عهديدارن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي برابر آهي۔ هنن چيو ته جسٽس طارق جهانگيري تاريخي فيصلا ڏنا ۽ هن قدم سان عدالتي نظام تي سوال اٿيو آهي۔ بار ايسوسيئيشن موجب اهڙا تجربا اڳ به ڪيا ويا آهن جن مان وڪيل تحريڪون جنم وٺنديون آهن ۽ آخرڪار عدالتن کي پنهنجا فيصلا واپس وٺڻا پوندا آهن۔ عهديدارن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هي فيصلو واپس نه ورتو ويو ته وڪيل مجبور ٿي سخت قدم کڻندا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.