ڪراچي(رپورٽر)ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي پريس فريڊم اينڊ مانيٽرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ ڀر ۾ آزادي صحافت جي صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، اجلاس ۾ صحافين جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ، سندن يوٽيوب چينلز بند ڪرڻ ۽ صحافين خلاف مختلف قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي۔اجلاس جي صدارت چيئرمين مقصود يوسفـي ڪئي، جڏهنته سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان چيو ته صحافين کي شهريت جي بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ آزادي صحافت تي حملي کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي۔ هن زور ڏنو ته حڪومت کي اظهار راءِ جي آزادي جو احترام ڪرڻو پوندو ۽ زبردستي بندشن جو خاتمو آڻڻو پوندو۔سيڪريٽري جنرل سي پي اين اي غلام نبي چانڊيو چيو ته حڪومت ڪنهن به صحافي کي بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي۔اجلاس ۾ خاص طور تي ثمينا پاشا ۽ مِهر بخاري جا CNIC بند ڪرڻ، بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ، مقدمن جو اندراج، طيب بلوچ سان پيش آيل واقعو، شهباز رانا خلاف ڪارروائي، رضي دادا جي يوٽيوب چينل جي بندش ۽ بلوچستان ۾ آزادي صحافت جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي۔ اجلاس ۾ ڪاظم خان، غلام نبي چانڊيو، ضياءُ تنولي، يحيٰي سدو زوئي ۽ عارف بلوچ شرڪت ڪئي۔