جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف ميوزڪ ٽيچرن جو چوٿين ڏينهن به احتجاج

ڪراچي (عرفان بلوچ )تعليم کاتي ۾ جوائننگ آرڊر نه ملڻ سبب فنڪارن جو احتجاج چوٿين ڏينهن به جاري رهيو، فنڪارنپاران جوائننگ نه ڏيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ احتجاج جو مرڪز سنڌ اسيمبلي جي دروازي تي بڻجي ويو. مظاهرين سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو ته پوليس پهچي احتجاج ڪندڙ فنڪارن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران فنڪارن جا اڳواڻ ڪامران چانڊيو سميت 8 فنڪارن کي پوليس حراست ۾ وٺي روانو ڪيو. بعد ۾ فنڪارن جي گرفتاريءَ تي ساٿين سخت احتجاج ڪيو جنهن کانپوءِ ڪجهه ئي دير ۾ کين آزاد ڪيو ويو.فنڪارن جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سندن مستقبل سان کيڏي رهي آهي، ميرٽ تي چونڊجڻ باوجود بيجا روڪ ٽوڪ سبب فنڪار بيروزگار ويٺل آهن، جيڪا وڏي زيادتي آهي. ميرٽ تي چونڊيل اميدوارن سان ناانصافي بند ڪئي وڃي ۽ کين فوري طور نوڪرين تي جوائننگ ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.