ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ پبلڪ ڪميٽي (پي اي سي) جو اجلاس خميس ڏينهن پي اي سي جي چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو. جنهن ۾ اجلاس ۾ ڪميٽي جو ميمبر قاسم سراج سومرو، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري شهاب قمر انصاري، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي ورڪس سروسز سان لاڳاپيل سال 2024-2025ع جي آڊٽ اجلاس ۾ اختيارن کان مٿانھون قدم کڻي کاتي جي سيڪريٽري بدران آڊٽ ورڪنگ پيپرن تي صحيح ڪندڙ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪشن آفيسر جنرل ايڊمنسٽريشن غلام مصطفيٰ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته هو پي اي سي لاءِ کاتي جي ڪنهن به 19 هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي فوڪل پرسن طور نامزد ڪري،اجلاس ۾ ڪميٽي جو ميمبر قاسم سراج سومرو، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري شهاب قمر انصاري، چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي ورڪس سروسز سان لاڳاپيل سال 2024-2025ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ورڪس جي آفيسرن طرفان مڪمل آڊٽ پيرائن بابت رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ۽ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي وئي. قاسم سراج سومري پڇاڻو ڪيو ته آڊٽ جي ورڪنگ پيپرن تي سيڪريٽري بدران سيڪشن آفيسر صحيح ڇو ڪئي آهي. نثار کهڙي چيو ته کاتي جي سيڪريٽري بدران سيڪشن آفيسر آڊٽ جي ڪاغذن تي صحيح ڪري اختيارن کان وڌي ويو آهي.