مُلڪي نظام جي ٻڏل ٻيڙي کي تارڻ جو سوال

تحرير: رياض ابڙو 

اها ڳالهه ڪا نئين ناهي ته وقت جي حڪومت مخالفن کي چٿڻ جي لاءِ هر حد ٽپي ويندي آهي، انهن جي مٿان ڪڙڪندي آهي، انهن جي ماضيءَ جي ڪارڪردگيءَ جي آڊٽ ڪرائيندي وتندي آهي، انهن کان حساب ڪتاب ڇڪي وٺندي آهي، ڪا ڪسر ناهي ڇڏيندي، ڇو ته اڳيان چور ۽ پويان ساڌو، يا ايندڙ سرڪار ساڌو ۽ ويندڙ سرڪار چور. ان ڪري اهو عام آهي ته جيئن ويٺل سرڪار آساني سان ماڻهن جي اکين تي هٿ رکي حڪومت ڪري وڃي ٿي، مخالف ڌر جو رينگٽ پيو هلي، اهي ڀلي پرچن، رساما ختم ڪن، سخت ترين مخالفت ڪن يا نه ڪن.

 ان ڪري حڪومت به اهڙي صورتحال ڏسي وري ساهي پٽي آهي، پر ڪندا به ائين جو اهي سڀ وري هڪ ٿي ويندا، پر جي ڪنهن هڪ ڌر کي اقتدار جي ملڻ جي پڪ ٿئي، يا ائين سمجهن  ته ايندڙ ڪرسي هنن جي حوالي ٿيندي، ته پوءِ اهي زور به ڏين. ماڻهن هڪ دفعو اهو پي ٽي آءِ جي ”بيٽ“ کي ووٽ ڏئي غلطي ڪئي جو اها ماڻهن کي چيلھه تي اچي لڳي، ڀلي پوءِ اهي معاشي بدحالي هجي، تعليمي ميدان ۾ اڻپوري ڊاڙ هجي، فارين پاليسي هجن، ڪشمير جو ڪوڙو نقشو هجي، پيٽرول جون قيمتون مهيني ۾ ٻه ٻه دفعا وڌائڻ واري ويڌن هجي، کنڊ جي بحرانن جي ڳالهه هجي، قانون، آئينن، آرٽيڪلن جي لتاڙ هجي يا صوبن سان اڻ برابري هجي، ارڙهين ترميم جي بد هضمي هجي، صوبن سان ٻيائي هجي، پر ڪارڪردگي ته عمران خان جي سرڪار جي ليکبي هئي. پي ٽي آءِ وٽ نه ڪا ليگسي نه هئي، نه ڪو ازم نه هيو، نه ڪو پروگرام نه هيو، نو ڪومنصوبو، نه ڪو مستقبل، نه ڪو شاندار سياسي ماضي، جنهن جي بنياد تي هي اهو چئي سگهن ته هنن جون سياسي پاڙون مضبوط آهن ۽ هي هاڻي پنهنجي ڪا ليگسي کڻي هلندا، هي ته ايڏا ساڙ سڙيا ۽ ”جيلس“ آهن جو اهڙو ڪو منصوبو نه ٿا هلائن جنهن جو افتتاح وري ايندڙ حڪومت ڪري، باقي ماضيءَ جي سرڪار جي منصوبن جي ان آگيوريشن ڪرڻ ۾ هنن فخر محسوس ڪيو، اهڙين سياستدانن کي ڇا چئون؟

پي ٽي آءِ جي سرڪار جو ڪنهن به ماڻهو تي هٿ رکڻ، سفارش ڪرڻ يا ٻڌڻ جو ڪو ارادو نه هيو ڇو ته هي وڏا صاف سٿرا هيا، هنن جا هٿ رڱيل نه هيا، هنن فارين فنڊنگ ۾ ڪجهه نه ڪيو، هنن جا 4000 اڪائونٽ ڪوڙا هيا، جن ۾ هنن پئسا گهرايا، هنن جي خاص ماڻهن جا اڪائونٽ جن جي اليڪشن ڪميشن عدالت کي جانچ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي، سي به ڪوڙا، جسٽس فائز سان ڏاڍائي به ڪوڙي، اليڪشن جا ايڪٽ جنهن تحت هي ڪو به چندو ڪنهن به ٻاهرين ماڻهن کان نه ٿا وٺي سگهن، سي به ڪوڙا، وري ٻيو ته ٻيو ته اڳوڻي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر تي زور رکڻ ته اهو ڪورٽن ۾ جسٽس جي خلاف شاهديون ڏئي سي به ڪوڙيون، وري کنڊ جي اسڪينڊل ۾ جهانگيرخان ترين جي ڳالهه تي هن کي پت ناهي، هن وري هڪڙي شخص تي ٻڌل جانچ ڪاميٽي ٺاهي هئي، جيڪا ان ڳالهه جا ثبوت گڏ ڪندي هئي ته جهانگيرترين واقعي کنڊ جي اسڪينڊل ۾ ملوث هيو يا نه. جڏهن ته هن سان گڏ ملڪ جي ٻين 30 شگر ملن جي مالڪن کي به نوٽيس ويا هيا ته ڪنهن انهن کنڊ جا هٿ راڌو بحران پيدا ڪري حرام جا پئيسا ڪمايا. (ساڳي ڪارِ شهباز سرڪار جي به آهي) انهن ۾ مريم نواز جون شگر ملون به هيون، انهن ۾ حمزا شهباز جون شگر ملون به هيون، ان ۾ اهڙي طرح سڄي ملڪ جون ملون شامل هيون، ته پوءِ هڪڙي هن تي هٿ ڇو رکيو ويو. هن جهانگيرترين ته رڳو خان سان ملڻ جي فرمائش ان ڪري به ڪئي هئي ته هن جي پٽ ۽ ڄاٽي کي ۽ هن جي خاندان جي عورتن کي ان ايف آءِ آر کان پري رکيو وڃي، انهن کي معاف ڪيو وڃي، ڇو ته سڄي خاندان جي مٿان ڪيس هلائڻ هن کي تڪليف پيا ڏين، باقي هي پاڻ ئي منهن ڏئي ويندو، ڇو ته هن مهل تائين ڪهڙا ڪيس نبريا آهن جو هن جو ڪيس نبرندو. نيب ڪنهن جا کنڌا کئيا آهن، جو هاڻي ترت ٻڌڻيون هلائيندا، ۽ مخالف جشن ملهائن ته جهانگيرترين جيل ۾ ويندو يا خان ٻاهر ايندو. پر اهيو ضرور هيو ته هنن هيڏن بحرانن جي ڪري اسٽبلشمينٽ مائينس ون فارمولو هلايو جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي.

جهانگيرخان ترين ۽ ان جا حامي وزير اندر ئي اندر ڪا گيم پئي کيڏيا، ان وقت پنجاب جي صوبائي سرڪار لوڏن ۾ هئي، ان ۾ اسپيڪر به خطري ۾ پئجي ويو هيو، ان ۾ سينيٽ جي چيئرمين جا 90 ڏينهن به پورا ٿيا جو ان جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ اچي وئي هئي، باقي لانگ مارچ نه ٿيا، نه استعفائون آيون، نه ڪو ٻيو ممڻ مچيو، وري اهو به آ ته هن جهانگيرترين جي چوڻ تي جاچ آفيسر ضرور مٽايو ويو، ڇو ته پهريون ايف آءِ اي جو ڊاريڪٽر محمد رضوان هن کي پسند نه هيو، وري جيڪو خان هن جي لاءِ جاچ آفيسر چونڊيو هيو، ان جهانگيرترين کي سزا کان بچايو، ڇو ته اهو خان هن جي پسند جو رکيو هيو، پر اها دعويٰ به هئي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ايف آءِ اي جي انويسٽيگيشن ٽيم تي اثر انداز نه ٿيندي، حڪومت الزامن جي زد ۾ ايندڙ جهانگيرترين جي حق ۾ نه ڳالهائيندي، پوءِ اڃان ڇا ڪري هان، جهانگيرترين جي چوڻ تي هن جي پٽ، ڄاٽي ۽ هن جي خاندان جي عورتن تي هلڪو هٿ رکين، انهن جي مٿان ايف آءِ آر جيڪي اپريل مهيني ۾ ڪٽيل هئي اها يا ته خارج ٿي وئي يا لئومٽئو ٿي وئي، رڳو جهانگيرترين جي جاچ هلندي رهي، ڇو ته اصل ڏوهي هي هيو، جنهن شخص هن جي مٿان آيف آءِ آر ڪٽرايون ان کي هٽائي ڇڏين ته معني ڪيس ته ڪمزور، وري جڏهن هن جي مرضي جو جاچ آفيسر رکيو هين جنهن وري نئين سئني ڪيس جي جاچ پڙتال ڪئي، معني ڪم ڊگهو، نه نبرڻ جو نه ڪرڻ جو.

 ڳالهه اها به آهي ته پي ٽي آءِ جي سرڪار شوڪت ترين سان به اهڙيون رعايتون هلائي چڪي هئي، جنهن جي اها فرمائش هئي ته جي نيب جا ڪيس جهڪا ٿيندا، (ڀلي ختم نه به ٿين) پر هي پنهنجو وقت وڄائي ويندو، ڪم ڪڍي ويندو، پوءِ جو الله مالڪ آ، وقت گذرڻ سان ڪي آفيسر مٽبا سٽبا رهيا، جن جي جاچ نبري، نه ڪم نبريو، اڍائي سالن ۾ هنن ڪهڙي جاچ پوري ڪري ماڻهن جي مٿان ڪيس ثابت ڪيا هيا جو هن جي مخالف ثابت ٿيندا، حمزا شهباز جي مٿان ڪيس هيا ان جي ثابت نه ٿيڻ جي ان کي آزاد ڪري ڇڏين، اهي پوءِ نون ليگ جا نه هيا يا اهي نوزاشريف کان ڌار هيا، جو انهن جي مٿان هلڪو هٿ رکين، وري شهباز شريف به آزاد ٿي ويو کڻي ضمانت تي ئي صحيح پر مني لانڊرنگ ڪيس ڪهڙا ثابت ٿيس، ڪجهه به نه ڇھه مهينا ڪاٽي نڪري آيو. ۽ پوءِ 30 شوگر ملين جا ڪيس به ڪڏهن نه نبريا. سڄو ملڪ ته جيل ۾ نه ٿا وجهي سگهن، يا پي ٽي آءِ انهن 40 ايجنٽن جي خلاف به آيف آءِ آر ڪٽرائي هئي، جيڪي اهڙي طرح بلين روپين جي ڪرپشن ڪري چڪا هيا. جهانگيرترين جا برطانيا ۾ اثاثا به آهن، ڀلي شهزاد اڪبر جي ڀڙڪين ۾ هن جا 24 کن بينڪ جا اڪائونٽ به بند ڪيا هين (جيڪي کلي به ويس) پر ڳالهه اها به آهي هتان جهڙي آئين، قانون، آرٽيڪل ڦيرائڻ واري رياست مان ڪهڙي اميد ته اهي موجوده سرڪار هوندي ڪو اهڙو ايڪشن کڻندا جو اهي سڀ خوار خراب ٿين جن ڪرپشن جي پئسين مان کربين رپيا ٺاهيا آهن. انهن ۾ اهي 30 شوگرملون به آهي، اهي 40 ”ساٽا“ جا ايجنٽ به آهن، بسميت خسرو بختيار جي جنهن وٽ پڻ اربين روپين جا اثاثا آهن، جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ به اٿس. خان ته پنهنجي دور ۾ انهن سڀني کي پنهنجي اوڙ ۾ ڪيون ويٺو هيو، ڇو ته انهن کي خوار خراب ڪرڻ معني انهن 40 وزيرن کي به هشي ڏيڻ هئي، جيڪي صفا تيار ٿيا ويٺا هيا، ته اهي يا ته پي پي جو حصو ٿيندا، يا نون ليگ انهن کي خريد ڪري وڃي، يا گڏيل طور ماضيءَ جي پي ڊي ايم جو حصو بڻجي ويندا.

عمران خان ته سڌو سنئون ٻه واٽي تي ضرور هيو ڇو ته نيب کي سفارش ڪرڻ سان يا ايف آءِ اي تي ڪهڙي به قسم جي اثر وجهڻ سان رياست هن کي خوار ضرور ڪيو ۽ هن جي سياسي ساک خراب ٿي، وري جي جهانگيرترين جي ڪارروائي ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جي پاسي ٿي بيٺو ته بگڙيل ۽ باغي وزير اهي سڀ ڪم ڪري ڏيکاري ويس جن جي پي ڊي ايم کي آس هئي، ته اهي ائين مکڻ مان وار ڪڍي ڇڏن، جو خان کي مائسن ون جو کاڄ ڪين. جيئن گيلاني کي 26 اپريل 2012 ۾ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪري گهر موڪليو هين، ڇو ته اهو سوئس اڪائونٽن جي لاءِ سوئس سرڪار کي خط نه پيو لکي، پوءِ کڻي ٿيو ڪجهه به نه هيو، پر وري راجا پرويز اشرف کي کڻي آيا جيڪو وري رينٽل پاور جي ڪيسن ۾ ٻڏل هيو، پر ان طريقي هنن پي پي جي سرڪار ختم نه ڪئي پر وزيراعظم کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنن، وري ساڳي ڪار هنن 28 جولاءِ 2017 ۾ نوازشريف سان به ڪئي جو پناما ليڪس جي جاچ ۾ ڪورٽ سان ڪوڙ ڳالهائي ويٺو، پر ڪوڙ ته عمران خان به هنيا هيا پوءِ هن جي ان ڳالهه جو نوٽس نه ورتن يا وقت جو انتظار ڪين؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.