ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ورلڊ اٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي جيولن ٿرو ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ٽوڪيو ۾ جاري ورلڊ اٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ جيولن ٿرو جي مقابلي ۾ ارشد نديم جي شروعات سٺي نه رهي، پهرين ڪوشش ۾ هن 76.99 ميٽر ٿرو ڪيو، جڏهن ته ٻي ڪوشش به غير متاثر ڪندڙ رهي ۽ رڳو 74.17 ميٽر ٿرو ڪري سگهيو، پر ٽين ڪوشش ۾ شاندار واپسي ڪئي.
ٽين ڪوشش ۾ ارشد نديم 85.28 ميٽر ٿرو ڪيو، جنهن کيس سڌو فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو.
فائنل ۾ سڌي ريت پهچڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 84.50 ميٽر ٿرو ڪرڻي هئي، جيڪا ارشد نديم ٽين ڪوشش ۾ مڪمل ڪري ڇڏي.
گرينيڊا جي اينڊرسن پيٽرز 89.53 ميٽر، جرمني جي جوليئن ويبر 87.21 ميٽر، ڪينيا جي جوليئس يگو 85.96 ميٽر ۽ پولينڊ جي ڊاوڊ ويگنر 85.67 ميٽر ٿرو ڪندي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.
ڀارتي رانديگر نيرج چوپڙا 84.85 ميٽر ٿرو ڪري سگهيو ۽ ارشد نديم کان هڪ پوزيشن هيٺ رهيو.
مجموعي طور تي 12 رانديگر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ايونٽ جو فائنل خميس ڏينهن کيڏيو ويندو.
ورلڊ اٿليٽڪ چيمپيئن شپ: اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جيولن ٿرو ايونٽ جي فائنل ۾ پهچي ويو
You might also like