نئين دهلي/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار بابت گذريل ڏينهن نئين دهليءَ ۾ اهم ڳالهيون ناڪام ٿي ويون
آمريڪي وفد جي اڳواڻي برينڊن لنچ ڪئي جڏهن ته ڀارتي وفد جي اڳواڻي راجيش اگروال ڪري رهيا هو، ٻئي ڌريون ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ۾ ناڪام رهيون، جڏهن ته وڌيڪ ملاقاتن تي اتفاق ڪيو ويو.
ڳالهين کانپوءِ ڀارتي واپار واري وزير سُنيَل برٿوال هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته آمريڪا سان ڪيترن ئي سطحن تي ڳالهيون جاري آهن، پر ڪجهھ معاملن تي اڃا تائين اتفاق نه ٿي سگهيو آهي، خاص طور روس کان تيل خريدڻ واري معاملي تي آمريڪا جو دٻاءُ برقرار آهي.
هن چيو ته آمريڪا چاهي ٿو ڀارت زرعي شين جهڙوڪ کير ۽ ڪڻڪ تي مڙهيل ڳرا ٽيڪس گهٽائي.
ياد رهي ته آمريڪي واپاري ٽيم گذريل مهيني ڀارت جو دورو رد ڪري ڇڏيو هو، آمريڪي صدر ٽرمپ ڀارت تي روس کان تيل خريدڻ تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري چڪو آهي ۽ ان حوالي سان آمريڪي اختيارين جو چوڻ هو ته ڀارت واپاري ڊيل ۾ هوڏ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.
You might also like