ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت موسمياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ ۽ زرعي شعبي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گڏيل منصوبو تيار ڪري ورتو.
زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر جو چوڻ آهي ته ”ڪلائميٽ سمارٽ ايگريڪلچر منصوبو“ 2028 تائين جاري رهندو، جنهن تحت زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ هارين کي تربيت ڏني پئي وڃي.
هن چيو ته 180 فيلڊ اسڪول قائم ڪري ساڍن چئنهزار هارين کي تربيت ڏني ويندي، ان حوالي سان سکر، ميرپورخاص ۽ بدين ۾ به فيلڊ اسڪول قائم ڪيا آهن.
سنڌ حڪومت پاران موسمياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ ۽ زرعي شعبي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ منصوبو تيار
You might also like