تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي رهاشي عمارت ۾ گئس جي ڌماڪي سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ايراني ميڊيا موجب، گئس جو ڌماڪو ايراني شهر اهواز جي رهاشي عمارت ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.
رپورٽ موجب، ڌماڪي سبب عمارت کي سخت نقصان رسيو ۽ اها مڪمل تباهه ٿي وئي آهي.
ايراني اختيارين طرفان واقعي بابت وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا ويا آهن، جڏهن ته واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like