ڪراچي: 100 کان وڌيڪ ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ پيش، متاثر ڇوڪرين کيس چماٽون وهائي ڪڍيون

خڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻارن سان زيادتي ڪيس جو جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي متاثر ڇوڪرين کيس چماٽون وهائي ڪڍيون، عدالت ڪيترن ئي ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
ڪيس جي ٻڌڻي ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ پوليس 7 ڪيسن ۾ نامزد جوابدار شبير تنولي کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي متاثر ڇوڪرين عدالتي احاطي ۾ جوابدار کي چماٽون هنيون.
پوليس موجب، مقامي ماڻهن جي شڪايت تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو، جوابدار 2016 کان ٻارن ۽ ڇوڪرين سان زيادتي جون وڊيوز ٺاهي رهيو هو، سندس خلاف ڊفينس پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي، صحافين جوابدار کان پڇيو ته هو ٻارن جي وڊيوز سان ڇا ڪندو هو، جنهن جواب ۾ جوابدار چيو ته هو بعد ۾ اِهي وڊيوز ڏسندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.