ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت هارين جي مدد لاءِ پئڪيج تيار ڪري ورتو، جنهن جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن مناسب قدم نه کنيا ويا ۽ زرعي ايمرجنسي صحيح نموني لاڳو نه ڪئي وئي ته بحران کي منهن ڏيڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار هارين جي سهائتا لاءِ پئڪيج تيار ڪري ورتو آهي، جنهن جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو.
مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ صورتحال۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي آهي، سکر بئراج ۾ به وهڪرن گهٽتائي ايندي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي تيارين ۾ ادارن جو ٿورائتو آهيان، مقاميا ماڻهن به اسان جي هدايتن تي عمل ۽ سهڪار ڪيو آهي.
You might also like