ٻوڏ سبب ملڪ ۾ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، اڪثريت پنجاب ۽ سنڌ جي آهي: اين ڊي ايم اي چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي ) چيو آهي ته تازين ٻوڏن سبب ملڪ ۾ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن مان اڪثريت پنجاب ۽ سنڌ واسين جي آهي.
سينيٽ جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لکين بي گهر ماڻهو في الحال خيمن ۾ آهن، جتي پاڻي، بجلي، گئس سميت بنيادي سهولتون موجود ناهن.
هن چيو ته تازين ٻوڏن سبب ملڪ ۾ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن مان اڪثريت پنجاب ۽ سنڌ واسين جي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.