وزيراعظم ٽه ملڪي دوري تي روانو، سعودي، برطانيا ۽ آمريڪا ويندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٽي ملڪي دوري تي روانو ٿي ويو.
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد مان سعودي عرب لاءِ اُڏام ڀري.
سرڪاري ميڊيا موجب، وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي ڪابينا جي اهم ميمبرن سان گڏ هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي.
رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي فرمانروا سميت ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن سميت خطي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديليين بابت گڏيل مفادن تي ڳالهيون ٿينديون.
ذريعن موجب، وزيراعظم سڀاڻي سعودي عرب کان برطانيا روانا ٿيندو، جتي ٻه ڏينهن ترسي برطانيا کانپوءِ آمريڪا پهچندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو ۽ اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.