پاءِ ڪرافٽ کي هٽائڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي، پي سي بي جو سخت موقف، آءِ سي سي کي ٻيهر خط لکي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ بابت تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ پاڪستان جي سخت موقف کانپوءِ آءِ سي سي وٽ تڪراري ريفري کي هٽائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي آءِ سي سي کي ٻيهر خط لکي ميچ ريفري جي تبديلي جو مطالبو ڪيو ۽ جواب ۾ به سخت موقف اختيار ڪندي اينڊي پاءِ ڪرافٽ خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابي خط ۾پاڪستان اينڊي پاءِ ڪرافٽ جي نگراني هيٺ ٿيندڙ ميچن ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ مطالبو نه مڃڻ جي صورت ۾ بائيڪاٽ واري موقف تي قائم رهندو.
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پي سي بي جو مطالبو تسليم ڪندي آءِ سي سي ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي هٽائي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان تڪراري ريفري خلاف آءِ سي سي جي انڪوائري کي رڳو هڪ رسمي ڪارروائي قرار ڏنو ۽ چيو ته نه سڀني پاسن جو جائزو ورتو ويو، نه ئي لاڳاپيل ماڻهن سان رابطو ڪيو ويو.
پاڪستان پنهنجي خط ۾ زور ڏنو آهي ته هڙئي خدشا ختم ڪيا وڃن ۽ مطالبو تسليم ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪيو وڃي، ان کانپوءِ ئي پاڪستان کيڏڻ لاءِ راضي ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سخت موقف کان پوءِ آءِ سي سي جون ڏکيائيون وڌي ويون آهن ۽ ميچ ريفري بابت جلد باضابطا اعلان ٿيڻ جي اميد آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان جي سخت موقف کانپوءِ آءِ سي سي وٽ پاڪستاني ميچن مان ميچ ريفري کي هٽائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.