دبئي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ ميچ ريفري جي تبديلي واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ ۾ هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن بعد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم، پي سي بي چيئرمين طرفان گرين سگنل ملڻ تي يو اي اي خلاف ميچ کيڏندي.
پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ اڄ دبئي اسٽيڊيم ۾ ميچ شيڊيول موجب پاڪستاني وقت مطابق شام ساڍي 7 وڳي ٿيڻي هئي ، پر ميچ ريفري جي تبديلي واري معاملي سبب ميچ ۾ دير ٿي.
خدشو هوته پاڪستان، ميچ ريفري واري تڪرار سبب ايشيا ڪپ جو بائيڪاٽ ڪندو.
پر هاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان گرين سگنل ملڻ بعد پاڪستان، يو اي اي خلاف ميچ کيڏندو، جڏهن ته اِها ميچ هاڻي هڪ ڪلاڪ دير سان شام ساڍي 8 وڳي شروع ٿيندي.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ رٿيل اڄوڪي ميچ ۾ اينڊي پاءِ ڪرافٽ ئي ميچ ريفري هوندو.
پي سي بي چئيرمين محسن نقوي جاري ڪيل بيان چيو ته پاڪستاني ٽيم کي اسٽيڊيم وڃڻ لاءِ چيو ويو، جنهن بعد ٽيم بس ۾ سوار ٿي اسٽيڊيم رواني ٿي وئي.
ان کان اڳ پي سي بي ترجمان عامر مير چيو هو ته معاملي تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، پاڪستان ۽ يو اي اي جي ميچ جو وقت هڪ ڪلاڪ اڳتي وڌايو ويو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هوٽل کان اسٽيڊيم روانگي روڪي وئي هئي ۽ رانديگرن کي پنهنجن ڪمرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
ذريعن جو چوڻ هو ته ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ جي معذرت جي صورت ۾ معاملو ختم ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته پي سي بي کي اينڊي پائي ڪرافٽ کي هٽائڻ واري معاملي تي آءِ سي سي طرفان اڃا تائين ڪو جواب ناهي مليو ذريعن موجب، جيڪڏهن ريفري جي تبديلي جي تصديق نه ٿئي ها ته پاڪستان ٽيم اسٽيڊيم نه وڃي ها.
تڪرار ڪهڙو هو؟
آچر تي پاڪ-ڀارت ميچ دوران ٽاس جي وقت اينڊي پاءِ ڪرافٽ پاڪستان جي ڪپتان سلمان آغا کي چيو هو ته ٽاس موقعي تي هو ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو سان هٿ نه ملائي، جڏهن ته ان کان اڳ ميچ ريفري پاڪستاني ميڊيا مئنيجر کي به چيو هو ته اِهو سڀ رڪارڊ نه ڪيو وڃي.
ميچ جي پڄاڻي تي مئنيجر نويد اڪرم چيما ٽورنامنٽ ڊائريڪٽر اينڊريو رسل آڏو پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا هئا، جنهن تي اينڊريو رسل چيو ته اسان کي هدايتون ڀارتيا بورڊ وٽان مليون آهن ۽ پوءِ چيو ته اصل ۾ هي ڀارتي حڪومت جون هدايتون آهن.
پاڪستان ڀارت جي خلاف ميچ ۾ اختيار ڪيل رويي تي سخت ردعمل ڏيندي واضح ڪيو هو ته جيڪڏهن ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي تبديل نه ڪيو ويو ته ايشيا ڪپ جون باقي ميچن نه کيڏندو.