” منهنجو مقصد ڪنهن جي بي عزتي ڪرڻ نه هو“ سوريا ڪمار بابت بيان تي محمد يوسف جي وضاحت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ محمد يوسف هڪ نجي ٽي وي چينل تي ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادو جو نالو ” غلط “ اُچارڻ بابت وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ محمد يوسف چيو ته ”منهنجو مقصد ڪنهن به رانديگر جي بي عزتي ڪرڻ نه هو، جيڪو پنهنجي ملڪ لاءِ جذبي سان کيڏندو آهي.“
واضح رهي ته خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ محمد يوسف سوريا ڪمار يادو جو نالو اُچارڻ ۾ ”غلطي“ ڪري ويٺوهو، جنهن کان پوءِ کيس سوشل ميڊيا تي ٽرول ۽ ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
محمد يوسف ايشيا ڪپ بابت هڪ ٽي وي شو دورن ٽيم جي ڪارڪردگي تي تبصرو ڪري رهيو هو.
هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ” ڀارتي ميڊيا ۽ ماڻهو ان وقت عرفان پٺان جي واکاڻ ڇو ڪري رهيا هئا، جڏهن هن پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي تي تنقيد ڪئي هئي؟ ڇا اهڙي هر شخص کي رد نه ڪرڻ گهرجي جيڪو عزت ۽ احترام جي ڳالهه ڪري ٿو ؟“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.