صدر آصف زرداري جي چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري سان ملاقات

بيجنگ (م ڊ) صدر آصف علي زرداري جي شنگھائي ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري چن جينِنگ سان ملاقات ٿي، خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ سنڌ جا وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه پڻ ان ملاقات ۾ موجود هئا، ان موقعي تي پاڪستان جو چين ۾ سفير خليل هاشمي ۽ چين جو پاڪستان ۾ سفير جيانگ ڙي ڊونگ به شرڪت ڪئي، جڏهن ته چيني قيادت ۽ شنگھائي اليڪٽرڪ جو صدر سميت اعليٰ اختيارين به موجود هئا، سي پي سي سيڪريٽري ملاقات ۾ چيو ته هر چيني پاڪستان کي مضبوط ڀاءُ ۽ هر موسم جو ساٿي سمجهي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ سال ٻنهي ملڪن جا سفارتي لاڳاپا 75 سال مڪمل ڪندا، جنهن جو جشن گڏجي ملهايو ويندو، صدر آصف زرداري چيو ته مخالف ۽ دشمن  عنصر ڪڏهن به پاڪ–چين دوستي کي نقصان نه پهچائي سگهن ٿا، اها دوستي نسل در نسل وڌندي ۽ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، وقت سان گڏ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.