ڄامشورو( رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو) ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي ۾ جساف بشير خان پاران تعليمي ادارن اندر فورسز جي مداخلت، سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار، سنڌ جي تعليمي ادارن اندر فورسز جي مداخلت، مذهبي انتها پسندي، سنڌي ادب، شاعري راڳ ۽ رقص سميت قومي سياست تي پابندي خلاف علي شنباڻي ، ڪاشف ڄامڙو،سراج ناريجو، احمد ڄامڙو جي اڳواڻي ۾ ڪئمپس ۾ پيغام لطيف مارچ ڪري يونيورسٽي جو گشت ڪيو ويو، مارچ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جون ترقي پسند قومپرست شاگرد تنظيمن، جساف آريسر، جساف، سناف، سياف ۽ سنڌ شاگرد سڀا سميت يونيورسٽيءَ جي عام شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته مارچ دوران نعرن سان ڪئمپس گوجندو رهيو. نعرا هڻندي شاگردن مسئلن جي حل جي گهر ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته هڪ سال پهريان اڄوڪي ڏينهن 16 سيپٽمبر تي امر ڪوٽ ۾ شهيد ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي زنده ساڙي لاش وارثن جي اجازت کان بغير دفنايو ويو، جنهن سبب سنڌي صوفي فنڪارن ، سياسي سماجي قومپرست تنظيمن پاران ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاريءَ ۽ دنيا کي سنڌيت جو اصلي پيغام ڏيڻ لاءِ رواداري مارچ ڪيو ويو جنهن تي هتان جي رياستي ادارن ۽ سنڌ پوليس لاٺي چارج ۽ شيلنگ ڪري سنڌ جي نياڻين، فنڪارن ، شاعرن، اديبن ۽ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو. سنڌ جي تعليمي ادارن اندر يونيورسٽين جون انتظاميائون هٿ وٺي رياستي ادارن جون ٽائوٽ بڻجي فورسز کي ادارن اندر آباد ڪري رهيون آهن، جنهن جو مثال ڪراچي يونيورسٽي سميت ڪراچيءَ جي سڀني يونيورسٽين جي هاسٽلن تي فورسز کي ويهاري شاگردن کي شاگرد سياست کان پري رکڻ جون سازشون هلنديون رهن ٿيون، سنڌ يونيورسٽي جي بلاڪ A هاسٽل 2007 ع کان شاگردن کان کسي پوليس کي الاٽ ڪئي وئي آهي جنهن تي اڄ به پوليس جو قبضو آهي ۽ شاگرد يونين جي آفيس تي زبردستي رينجرز جو قبضو آهي