جڏهن نومبر 2022 ۾ چيٽ جي پي ٽي کي متعارف ڪرايو ويو هو ته اوپن اي آءِ ان کي آفيس معاملن لاءِ گيم چئنجر قرار ڏنو هو.
مصنوعي ڏاهپ ( آرٽيفيشل انٽيليجنس) ٽيڪنالاجي تي آڌاريل هي ٽول اي ميلز جو جواب ڏئي سگهي ٿو يا آفيس خطن کي لکي سگهي ٿو.
هاڻي اوپن اي آءِ پهريون ڀيرو هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ ماڻهو چيٽ جي پي ٽي کي ڪهڙن ڪم لاءِ استعمال ڪن ٿا.
هن رپورٽ جا نتيجا حيران ڪندڙ آهن ڇو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته چيٽ جي پي ٽي کي ورڪ اسسٽنٽ بدران ماڻهو پنهنجي ذاتي زندگي لاءِ وڌيڪ استعمال ڪري رهيا آهن.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2024 جي وچ ڌارن چيٽ جي پي ٽي تي ٿيندڙ اٽڪل 50 سيڪڙو ڳالهيون ملازمت سان لاڳاپيل هيون.
پر 2025 جي وچ تائين اِهو انگ گهٽجي 27 سيڪڙو تائين پهچي ويو.
ان جو مطلب اِهو نه آهي ته ماڻهو هن اي آءِ چيٽ بوٽ کي گهٽ استعمال ڪري رهيا آهن.
دنيا ۾ هر هفتي 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو چيٽ جي پي ٽي کي استعمال ڪن ٿا ۽ روزانو اڍائي ارب کان وڌيڪ پيغام موڪلين ٿا، يعني هر سيڪنڊ ۾ 29 پيغام موڪليا وڃن ٿا.
اوپن اي آءِ اِها رپورٽ نيشنل بيورو آف اڪنامڪ ريسرچ، ڊيوڪ يونيورسٽي ۽ هارورڊ يونيورسٽي سان گڏ تيار ڪئي آهي.
رپورٽ موجب، هاڻي وڌ کان وڌ ماڻهو هي پليٽفارم کي ڪم سان لاڳاپيل سوالن لاءِ استعمال نٿا ڪن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چيٽ جي پي ٽي جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو استعمال 3 ڪيٽيگريز لاءِ ڪيو وڃي ٿو.
انهن ڪيٽيگريز ۾”پريڪٽيڪل گائيڊنس، ڄاڻ ۽ رائيٽنگ شامل آهن.
پريڪٽيڪل گائيڊنس سڀ کان عام ڪيٽيگري آهي، جيڪا بنيادي طور تي مختلف شين کي سمجهڻ، انهن بابت سکڻ، ڪيئن ڪجي يا تخليقي خيالن تي ٻڌل هوندي آهي.
ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري ڪيٽيگريءَ کي ڪمپني روايتي ڳولا جو متبادل قرار ڏنو.
رائيٽنگ مان مراد اي ميلز، دستاويز ۽ ٻيون لکڻيون اي آءِ چيٽ بوٽ کان لکرائڻ آهي، جڏهن ته ٽيڪسٽ کي ايڊٽ ۽ ترجمو ڪرائڻ به ان ۾ شامل آهي.
ملازمت سان جڙيل معاملن بابت به رائيٽنگ سڀ کان عام آهي ۽ جون 2025 ۾ ان جي شرح 40 سيڪڙو هئي، جڏهن ته رڳو 4.2 سيڪڙو پيغام ڪمپيوٽر پروگرامنگ سان لاڳاپيل هئا.
جيتوڻيڪ هاڻي ماڻهو چيٽ جي پي ٽي کي ذاتي مقصدن لاءِ وڌيڪ استعمال ڪري رهيا آهن، پر اوپن اي آءِ موجب چيٽ بوٽ ذريعي تمام گهٽ پيغامن ۾ ورچوئل لاڳاپن يا سماجي ۽ جذباتي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
رپورٽ جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته چيٽ جي پي ٽي عالمي سطح تي وڏي پئماني تي اثرانداز ٿي رهي آهي.
اوپن اي آءِ اهو به ٻڌايو ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون چيٽ جي پي ٽي وڌيڪ استعمال ڪن ٿيون، جن جي شرح 52 سيڪڙو آهي.
چيٽ جي پي ٽي جا 46 سيڪڙو واهپيدار 18 کان 25 سالن جي وچ واري عمر جا آهن، جيڪي اڪثر پنهنجن مشغلن بابت پڇن ٿا يا اي آءِ چيٽ بوٽ کان صلاح مشورا وٺن ٿا.
چيٽ جي پي ٽي جو استعمال گهڻو ڪري سمارٽ فونز تي ڪيو وڃي ٿو ۽ گهٽ آمدني يا وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ هي اي آءِ ٽول تمام تيزيءَ مقبوليت ماڻي رهيو آهي.
مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون چيٽ جِي پِي ٽِي تي وڌيڪ ڀارڻ لڳيون، آي آءِ بوٽ کان ڪهڙا سوال پڇيا وڃن ٿا؟
You might also like