سنڌو ۾ چاڙهه سبب ڪچو پاڻي هيٺ، ڪيترائي ڳوٺاڻا ڦاٿل، بيمارين منهن ڪڍيو

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌو ۾ چاڙهه سبب ڪچي جي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سکر جي ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا پاڻي سبب علائقا سخت متاثر ٿي ويا جتي پاڻي بيهڻ سبب رهواسين کي وبائي بيمارين سميت سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انتظاميا جي دعوائن باوجود  ڪچي جي متاثر علائقن ۾ قائم ڪيل ڪيتريون ئي ميڊيڪل ڪئمپن عملي طور ناڪاره بڻجي چڪيون آهن جتي نه ته ڪا بهتر طبي سهولت موجود آهي ۽ نه ئي ڪو سينئر ڊاڪٽر يا اسپيشلسٽ پهتو آهي پر افسوس جو ڊي ايڇ او سکر پڻ ان بابت ڄاڻو آهي پر خاموش آهي جنهن ڪري علائقي واسين ۾ سخت مايوسي پکڙجي وئي آهي پر افسوس جو ڊپٽي ڪمشنر سکر توڙي ٻيا زميوار پڻ ان معاملي تي خاموش آهن جڏهن ته علاج سينئر ڊاڪٽرن هٿا نه ٿين ۽ سٺي نموني نه ٿيڻ سبب ڪچي واسي سخت پريشان آهن ۽ پاڻ کي بي يارومددگار پيا سمجهن ۽ سخت مايوسي ۾ مبتلا آهن. ڪئمپن ۾ عام ڏينهن تي ڪا به طبي سهولت موجود ناهي، رڳو هيٺيان ملازم ٿوري دير لاءِ اچي حاضري ڀري هليا ويندا آهن پر ساڳي ريت جڏهن به ڪو وڏو آفيسر يا ڪمشنر دورو ڪندو آهي ته ڊاڪٽر ۽ عملو عارضي طور تي ڪئمپ تي موجود ٿي ڏيکاريندا آهن ۽ فوٽو سيشن کان پوءِ وري سڀ غائب ٿي ويندا آهن جنهن بابت صحت کاتي جو ڊي ايڇ او پڻ ڄاڻي ٿو افسوس جو صرف بجيٽ هڙپ ڪرڻ لاءِ ڪوڙاوڏا وڏا بل پيٽرول، لوڪل پرچيز دوائون سميت ٻين ڪم جي مد ٺاهيا وڃن ٿا. متاثر ماڻهن ٻڌايو ته بخار، زڪام، کنگهه، دست، مليريا، چمڙي جون بيماريون ۽ خارش عام ٿي ويون آهن. ٻارن ۽ عورتن ۾ به بيماريون وڌي رهيون آهن، جڏهن ته دوائن جي فراهمي به نه آهي. ٻئي طرف نوشهرو فيروز، دادو، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن ۾ پاڻي بند طرف وڌڻ لڳو آهي. هوڏانهن گڊو بيراج تي پاڻي ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار آهي. مٿاهون وهڪرو 605,456 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 575,706 ڪيوسڪ آهي. سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 571,800 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 518,120 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوترِي بئراج تي پاڻي جي آمد 300,853 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 289,098 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.