لڪسمبرگ (ويب ڊيسڪ) هڪ ٻئي يورپي ملڪ لڪسمبرگ اعلان ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻين ملڪن جيان اسان به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪنداسين.
لڪسمبرگ جي وزيراعظم لڪ فريڊن پنهنجي بيان ۾ چيو ته غزا ۾ حالتون بگڙي چڪيون آهن، نسل ڪشي ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، انهن حالتن ۾ يورپي ملڪن وٽ تڪڙي ۽ پائيدار امن لاءِ ٻه رياستي حل کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ فرانس، برطانيا، ڪينيڊا، آسٽريليا، بيلجيئم ۽ مالٽا به اهو ئي اعلان ڪري چڪا آهن، جڏهن ته پرتگال جي حڪومت به ان تي غور ڪري رهي آهي.
هڪ اندازي موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ وڌيڪ 17 ملڪ فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهن ٿا.
You might also like