دوحا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي دوري کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير اوچتو دوحا پهچي ويو، جتي هن قطري امير ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون ڪيون.
مارڪو روبيو ملاقاتن ۾ قطر جي سلامتي ۽ خود مختياري لاءِ ڀرپور حمايت جو واعدو ڪيو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب مارڪو روبيو آمريڪا ۽ قطر وچ ۾ مضبوط ٻه طرفن لاڳاپن جي تصديق ڪئي ۽ غزا ۾ جنگ جي خاتمي ۽ يرغمالين کي وطن واپس آڻڻ جي ڪوششن تي قطر جا ٿورا مڃيا.
هن قطر کي ٽياڪڙ جو ڪردار جاري رکڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو ملڪ آهي جيڪو ڳالهين ذريعي جنگ ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ته اهو قطر ئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير قطر پهتو، غزا جنگ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙ جو ڪردار جاري رکڻ جي اپيل
You might also like