ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنري پلي بيڪ سنگر ڪمار سانو اداڪارا سان لاڳاپن بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ بيان ۾ بالي ووڊ ليجنڊ ڪمار سانو چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته مان عورتن لاءِ ڪشش رکان ٿو.
ڪمار سانو جو چوڻ ته منهنجي ٻي شادي کي اڄ 23 سال ٿي ويا آهن، پر ڪنهن به منهنجو نالو ڪنهن ٻي عورت سان ڪڏهن نه ٻڌو هوندو.
گلوڪار چيو ته منهنجو نالو ته ماضيءَ جي مشهور اداڪارا ميناڪشي ششادري سان به جوڙيو ويو هو ، جڏهن ته مان ڪڏهن به هن سان مليو ئي نه هوس.
گلوڪار موجب، ميناڪشي اهو ٻڌي کلندي هوندي ته هن جو نالو اهڙي شخص سان ڳنڍيو پيو وڃي جنهن سان هوءَ ڪڏهن ملي ئي نه آهي ۽ جنهن کي هوءَ ذاتي طور تي سڃاڻي به نه ٿي.
ڪمار سانو چيو ته اهڙي قسم جا افواهه ميڊيا پکيڙيندي آهي، پهرين گهرواري سان عليحدگي وارا معاملي جا ذاتي ڪارڻ هئا، پر ان جو ميناڪشي سان ڪو واسطو نه آهي.
ياد رهي ته ماضي جي اداڪارا ڪونيڪا سدانند، جيڪا هن وقت ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس جي نئين ايڊيشن ۾ شامل آهي، دعويٰ ڪئي هئي ته سندس ڊگهي عرصي تائين ڪمار سانو سان رومانوي لاڳاپا رهيا آهن.
ڪمار سانو، ميناڪشي سان رومانوي لاڳاپن ۽ پهرين گهرواري کي طلاق واري معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
You might also like